اوهين قومن منجھہ هي اعلان ڪريو تہ ”خداوند ئي بادشاهہ آهي.“ هُن ڌرتيءَ کي اهڙيءَ طرح قائم ڪيو آهي، جيئن انهيءَ کي ڪو لوڏو نہ اچي. هو سچائيءَ سان قومن جو انصاف ڪندو.
انهيءَ وقت قادرِمطلق خداوند جي ئي بادشاهي هوندي، هو صيئون جبل تي اڏيل يروشلم شهر مان حڪم هلائيندو، ۽ سندس قوم جا حاڪم سندس جلوو پيا پسندا. خداوند جو جلوو ايترو تہ تجليءَ وارو هوندو جو سج چنڊ بہ سندس آڏو لڄي ۽ شرمسار هوندا.