6 ۽ وڄ کي پنهنجي تيرن جيان ڪيراءِ تہ ڌاريا ماڻهو ڀڄي ڪڻو ڪڻو ٿي وڃن.
6 وڄ ڪيرائي انهن کي ڇڙوڇڙ ڪر؛ پنهنجا تير هڻي کين منجهائي ڇڏ.
پوءِ خداوند جي ڇينڀڻ سان، ۽ قهر مان ڪڍيل طوفاني ڦوڪ سان ڌرتيءَ جا بنياد کُلي ويا ۽ سمنڊ جو ترو ظاهر ٿيو.
تون جڏهن پنهنجا تير زهہ تي چاڙهي سندن سامهون ٿيندين، تڏهن کين پٺي ڏياري ڀڄائي ڪڍندين.
تو بادشاهہ جا تير تکا آهن، سو اهي پنهنجي دشمنن جي دلين ۾ هڻي ڪڍ، تانتہ سڀيئي قومون اچي تنهنجي پيرن ۾ ڪِرن.
سندن ئي زبان سندن برباديءَ جو سبب بڻبي، ۽ پوءِ جيڪو بہ انهن کي ڏسندو، سو حيرت وچان پنهنجو ڪنڌ ڌوڻيندو.
آءٌ انهن تي هر طرح جي آفتن جا انبار لڳائي ڇڏيندس، هائو، آءٌ پنهنجو هر هڪ تير انهن تي کپائي ڇڏيندس.
آءٌ پنهنجي تيرن کي رت پيئاري مست ڪندس، پوءِ اهو رت جنگ ۾ قتل ٿيلن جو هجي توڙي قيد ٿيلن جو. آءٌ پنهنجي تلوار کي ماس کارائيندس، اهو ماس جيڪو دشمنن جي سردارن جي سر جو هوندو.‘