4 انسان تہ رڳو ٻاڦ مثل آهي، جنهن جي حياتي هڪ پاڇي جيان گذري وڃي ٿي.
4 انسان اجائي شيءِ آهي: هن جي حياتي پاڇي وانگر گذريو وڃي.
جيئن تہ اسان سڀني کي ضرور مرڻو آهي ۽ اسين انهيءَ پاڻيءَ وانگر آهيون جيڪو زمين تي هاريو ويو هجي ۽ وري گڏ ٿي نہ سگھي. سو ڪنهن جي حياتيءَ کي ختم ڪرڻ کان اڳ خدا اهڙا اپاءَ ٿو وٺي تہ جنهن کي شهر نيڪالي ملي آهي سو هميشہ جي لاءِ کانئس رد ڪيل نہ رهي.
بيشڪ، اسين تنهنجي نظر ۾ مهمان ۽ مسافر آهيون، جيئن اسان جا ابا ڏاڏا هئا. اسان جي عمر هن دنيا ۾ پاڇي وانگر آهي، جيڪا هڪ ڏينهن ختم ٿي ويندي.
تہ پوءِ انسان، جيڪي ٺهيل ئي مٽيءَ جا آهن، ۽ جن جو بنياد ئي مٽي آهي، ۽ جيڪي پوپٽ وانگر چپجيو ٿا وڃن، سي ان جي نظر ۾ ڇا هوندا؟
جڏهن تہ اسين ڪالهوڪا ٻار آهيون ۽ ڪجھہ نہ ٿا ڄاڻون، ڌرتيءَ تي اسان جا ڏينهن هڪ پاڇي وانگر گذريو وڃن.
منهنجي حياتي شام جي وهامندڙ پاڇي وانگر گذرندي ٿي وڃي، ۽ آءٌ گاهہ وانگر ڪومائبو ٿو وڃان.
جيئن ماڪڙ کي ڪپڙي تان هڪدم ڇنڊي اڇلائجي ٿو، ۽ جيئن شام جا لهندڙ پاڇا جلدي گم ٿيو وڃن، تيئن ئي منهنجي زندگي بہ جلدي گم ٿيندي وڃي ٿي.
جڏهن تون بڇڙائيءَ تي ڇينڀي انسانن کي سيکت ڏين ٿو، تڏهن جيئن ڪينئان ماس کائي چٽ ڪري ڇڏيندا آهن، تيئن تون سندن پيارين شين کي ڳاري ساڙي ٿو ڇڏين. بيشڪ هر انسان رڳو ٻاڦ مثل آهي.
سڀيئي انسان پوءِ ادنيٰ هجن توڙي اعليٰ، سي بيبقا ۽ رڳو ٺڳيءَ جو ٺاهہ آهن. جيڪڏهن اهي تارازيءَ ۾ توريا وڃن تہ بلڪل ئي هلڪا نڪرن. هائو، اهي سڀ جو سڀ هڪ ڦوڪ کان بہ هلڪا آهن.
اي خداوند! ڏس، منهنجي زندگي ڪيتري نہ ٿوري آهي! ڏس، تو بني آدم کي ڪيڏو نہ فاني بڻايو آهي!
مون انهن سڀني ڪمن تي غور ويچار ڪيو، جيڪي ڌرتيءَ تي ڪيا ٿا وڃن، پر ڇا ڏسان تہ اهو سڀ ڪجھہ راز ئي راز آهي، ۽ انهيءَ راز کي سمجھڻ ائين آهي جيئن هوا جي پٺيان ڊوڙڻ.
هو دانائيءَ واريون ڳالهيون ڪندي چوي ٿو تہ راز آهي، راز آهي، زندگي هڪ راز آهي، ۽ اها انساني سمجھہ کان مٿاهين آهي.
سو آءٌ دانائيءَ واري ڳالهہ ڪندي چوان ٿو تہ راز آهي، راز آهي، زندگي هڪ راز آهي، ۽ اها انساني سمجھہ کان مٿاهين آهي.
پر هجڻ تہ ائين گھرجي جو گنهگارن جو ڀلو ڪڏهن بہ نہ ٿئي، نڪي سندن عمر وڌي، بلڪ اهي پاڇي وانگر وهامندا رهن، ڇاڪاڻ تہ اهي خدا جو خوف نہ ٿا رکن.