Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 144:1 - Muslim Sindhi Bible

1 شال منهنجي محافظ خداوند جي واکاڻ هجي! جيڪو مون کي جنگ جي تربيت ڏئي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 خداوند منهنجو ٽڪر مبارڪ هجي، هو منهنجن هٿن کي جنگ ڪرڻ ۽ منهنجن آڱرين کي وڙهڻ ٿو سيکاري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 144:1
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هُن منهنجي هٿن کي جنگ جي سکيا ڏني آهي، جنهن ڪري منهنجيون ٻانهون پتل جو تيرڪمان بہ ڇڪيو ڇڏين.


پوءِ اليشع اسرائيل جي بادشاهہ کي چيو تہ ”تيرڪمان ۾ پنهنجي هٿ سان تير وجھہ.“ هن جڏهن انهيءَ ۾ تير وڌو تڏهن اليشع پنهنجو هٿ بادشاهہ جي هٿ تي رکيو


خداوند منهنجو حفاظت ڪندڙ آهي، هو منهنجو ڇڏائيندڙ ۽ منهنجو قلعو آهي. خدا ئي منهنجو محافظ آهي، جنهن وٽ آءٌ پناهہ وٺان ٿو. هو منهنجي حفاظت ڪري مون کي بچائي ٿو، هائو، هو ئي منهنجي جاءِ‌پناهہ آهي.


خداوند جيڪو تعريف جي لائق آهي، تنهن کي جڏهن پڪاريان ٿو، تڏهن آءٌ پنهنجي دشمنن کان بچايو ٿو وڃان.


ڇا خداوند کان سواءِ ڪو ٻيو خدا بہ آهي؟ ڇا اسان جي خدا کان سواءِ ڪو ٻيو محافظ بہ آهي؟


هُن منهنجي هٿن کي جنگ جي سکيا ڏني آهي، جنهن ڪري منهنجيون ٻانهون پتل جو تيرڪمان بہ ڇڪيو ڇڏين.


اي خداوند! تو منهنجي حفاظت ڪري مون کي بچايو آهي، هائو، تنهنجي زورآور هٿ ئي مون کي ٽيڪو ڏنو آهي. تنهنجي مهربانيءَ مون کي بلنديءَ تي پهچايو آهي.


خدا جي مدد سان اسين فتح جا جوهر ڏيکارينداسين، ڇوجو اهو ئي آهي جيڪو اسان جي دشمنن کي لتاڙيندو.


مون لاءِ تون پناهہ جو ٽَڪر ۽ مضبوط قلعو ٿيءُ، تان‌تہ آءٌ تنهنجي حفاظت منجھہ پيو رهان، ڇاڪاڻ تہ تون ئي تہ منهنجو محافظ ۽ منهنجو قلعو آهين.


اچو تہ اسين خداوند جا گيت ڳايون. اسين پنهنجي محافظ ۽ بچائيندڙ لاءِ خوشيءَ جا نعرا هڻون.


تنهنڪري هميشہ خداوند خدا تي ئي توڪل رکو، ڇاڪاڻ تہ هو ئي ابد تائين اسان جو طاقتور محافظ آهي.


هر ڪو مون بابت چوندو تہ ’بيشڪ خداوند ئي فتح ۽ طاقت بخشيندڙ آهي.‘ پر جيڪي مون کان ڦريل هوندا، سي سڀ مون آڏو خوار خراب ٿيندا.


ڇاڪاڻ تہ اسان جي ويڙهہ جا هٿيار دنياوي نہ، پر خدائي طاقت وارا آهن. انهن سان اسين مضبوط قلعن کي بہ ڊاهيو ٿا وجھون،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ