Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 143:9 - Muslim Sindhi Bible

9 اي خداوند! مون کي منهنجي دشمنن کان ڇڏاءِ، ڇاڪاڻ تہ آءٌ پناهہ لاءِ تو وٽ ئي ڊوڙي آيو آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

9 اي خداوند مون کي منهنجي دشمنن کان ڇڏاءِ: آءٌ پناهہ جي لاءِ تو وٽ ڊوڙي آيو آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 143:9
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن اي خداوند! آءٌ تو کي ئي پڪاريان ٿو، ۽ چوان ٿو تہ تون ئي منهنجي جاءِ‌پناهہ آهين، بلڪ هن دنيا ۾ تون ئي مون لاءِ سڀ ڪجھہ آهين.


اي خداوند! تون مون کي هن ڌٻڻ مان ڪڍ، تان‌تہ آءٌ تنهنجي نالي جو شڪرانو ادا ڪريان. تڏهن تنهنجي انهيءَ ڀلائيءَ جي نتيجي ۾ گھڻا ئي سچار اچي شڪراني ۾ مون سان شامل ٿيندا.


منهنجي حياتي تنهنجي ئي هٿ ۾ آهي، سو مون کي جيڪي دشمن ستائين ٿا، تن جي هٿان تون ڇڏائي وٺجانءِ.


آءٌ جڏهن تو کي پڪاريندس تہ منهنجا دشمن پوئتي هٽي ويندا. انهيءَ مان مون کي يقين ٿيندو تہ تون خدا منهنجي پاسي آهين.


آءٌ خدا تعاليٰ کي پڪاريان ٿو، هائو، خدا کي جيڪو منهنجي لاءِ سڀ ڪجھہ ڪري ٿو.


اي منهنجا خدا! مون کي منهنجي دشمنن کان ڇڏاءِ. جيڪي منهنجي خلاف اُٿي کڙا ٿيا آهن تن کان مون کي بچاءِ.


خداوند هڪ مضبوط قلعو آهي، سچار ماڻهو ڀڄي وڃي انهيءَ ۾ پناهہ وٺي ٿو.


سو خدا جو واعدو ۽ قسم ٻئي اهڙيون شيون آهن جيڪي بدلجي نہ ٿيون سگھن ۽ جن جي باري ۾ خدا جو ڪوڙو ٿيڻ ناممڪن آهي. خدا اهو انهيءَ ڪري ڪيو تہ اسين جيڪي سندس پناهہ وٺڻ لاءِ ڊوڙيا آهيون، سي پڪيءَ طرح خاطري ڪري انهيءَ اميد تي قائم رهون جيڪا اسان کي ڏيکاري ويئي آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ