Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 143:6 - Muslim Sindhi Bible

6 تڏهن آءٌ پنهنجا هٿ تو ڏانهن ڊگھيريان ٿو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ پياسي ڌرتيءَ جيان تنهنجو سِڪايل آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

6 آءٌ پنهنجا هٿ تو ڏانهن ٿو ڊگهيريا: منهنجي جان سڪي زمين وانگي تنهنجي اُڃايل آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 143:6
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

”اي ايوب! جيڪڏهن تون پنهنجي دل خدا ڏانهن مائل رکندين، ۽ پنهنجا هٿ هن ڏانهن ڊگھيريندين،


جيئن اس ۾ ڪم ڪندڙ ڪو غلام ڇانوَ جي اجائي آرزو رکي ٿو، جيئن ڪو مزدور پنهنجي مزدوريءَ جي ملڻ جو بي‌فائدي انتظار ڪندو هجي،


رات ڏينهن منهنجا لڙڪ ئي منهنجي خوراڪ آهن. جڏهن تہ مون کان هر وقت پڇيو ٿو وڃي تہ ”ڪٿي آهي تو وارو خدا؟“


جيڪڏهن اسين تو پنهنجي خدا جو نالو وساري ڇڏيون ها، يا ڪنهن ڌارئي معبود جي آڏو پنهنجا هٿ ڊگھيريون ها،


اي خدا! تون منهنجو خدا آهين. آءٌ دل سان تنهنجو طالبو آهيان، انهيءَ خشڪ ۽ پياسي زمين جيان، جيڪا پاڻيءَ لاءِ سِڪندي هجي. منهنجي جان تنهنجي پياسي ۽ منهنجو بدن تو لاءِ مشتاق آهي.


آءٌ تو خداوند جي بارگاهہ جي لاءِ سِڪان ٿو. هائو، آءٌ انهيءَ لاءِ آسائتو ٿو رهان. سو آءٌ خوشيءَ وچان تو جيئري خدا جي واکاڻ جا گيت ٿو ڳايان.


ڀلا مئل ماڻهن کي تون پنهنجا معجزا ڏيکاريندين ڇا؟ يا اهي مُڙدا جيئرا ٿي تنهنجي واکاڻ ڪندا ڇا؟


ڏکن جي ڪري منهنجي اکين ۾ ڌنڌ ايندو ٿو وڃي. اي خداوند! هر روز آءٌ تو ڏانهن پنهنجا هٿ ڊگھيري تو کي پڪاريندو ٿو رهان.


تڏهن موسيٰ چيس تہ ”آءٌ شهر کان ٻاهر نڪرڻ شرط دعا لاءِ پنهنجا هٿ خداوند ڏانهن کڻندس. گجگوڙ بند ٿي ويندا ۽ ڳڙا وڌيڪ نہ وسندا، انهيءَ لاءِ تہ ان مان تو کي خبر پوي تہ سڄي ڌرتي خداوند جي ئي آهي.


رُڃ بدلجي ڍنڍ ٿي پوندي، ۽ سڪل ٺوٺ زمين منجھان پاڻيءَ جا چشما جاري ٿيندا. جنهن بيابان ۾ ڪڏهن گدڙن جي جُوءِ هوندي هئي، اتي ندين جي ڪناري ٻُوڙا ۽ ڪانا اڀري ايندا.


پوءِ تنبن واري عيد جو آخري ڏينهن، جيڪو خاص ڏينهن آهي، تنهن ڏينهن تي عيسيٰ اُٿي بيٺو ۽ وڏي آواز سان چيائين تہ ”جيڪو بہ اڃايل آهي، سو ڀلي مون وٽ اچي پيئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ