4 تنهنڪري آءٌ ڏاڍي پريشانيءَ ۾ پئجي ويو آهيان، ۽ بيحد دلگير ٿو رهان.
4 تنهن ڪري منهنجو روح مون منجهہ غم ۾ ٻڏي ويو آهي؛ ۽ منهنجي دل منهنجي اندر ۾ ڏاڍي لهي ويئي آهي.
ڇا اوهين اهڙا سنگدل ٿيا آهيو جو ڪُڻا وجھي يتيمن کي غلام بڻايو؟ ڇا اوهين دوستن کي واپاري مال بڻائڻ وارا ٿيندا؟
اي خداوند! منهنجي دعا ٻڌ، منهنجي دانهن شل تو تائين پهچي!
انهيءَ مهل ڄڻ ٻوڏ اسان کي ٻوڙي ڇڏي ها، ۽ اسان جي مٿان وهڪرا وهي وڃن ها،
ڇاڪاڻ تہ جڏهن آءٌ پريشان ٿيان ٿو، تڏهن تون ئي اهو ڄاڻين ٿو تہ ان وقت آءٌ ڇا ڪريان. جنهن راهہ تان آءٌ گذران ٿو، تنهن راهہ تي دشمن ڦندو اڏيو ويٺا آهن.
اتي آءٌ واجھائي ڏسان ٿو تہ ڪوبہ ويجھو ڪونهي جيڪو مون ڏانهن ڌيان ڏئي. ڪوبہ ناهي جيڪو منهنجو فڪر ڪري. هائو، مون لاءِ ڪا جاءِپناهہ ناهي.
سو اي خداوند! مون ڏانهن توجھہ ڪر، ۽ مون تي رحم ڪر، ڇاڪاڻ تہ آءٌ بلڪل اڪيلو ۽ ڏکن ۾ ڦاٿل آهيان.
مون تي خوف اچي پيو آهي ۽ ڏڪڻي وٺي ويئي اٿم. هيبت اچي مون تي غالب پيئي آهي.
ڌرتيءَ جي ڇيڙي تي آءٌ ڏاڍو دلگير ٿي پيو آهيان، اتان آءٌ تو کي پڪاريان ٿو. تون مون کي انهيءَ مٿاهين ٽڪر تي پناهہ ڏي، جيڪو منهنجي پهچ کان مٿي آهي.
توڙي جو آءٌ خدا کي ياد ڪري سوچ ويچار ڪريان ٿو، تڏهن بہ آءٌ آهون ڀريان ٿو ۽ ماندو ٿيو پوان.
آءٌ رات جو ويٺو پنهنجيءَ دل سان حال اوريان ٿو. آءٌ اهو غور ٿو ڪريان ۽ منهنجي دل انهيءَ جاچ جاچان ۾ آهي تہ
جيئن تہ هو ڏاڍو پريشان هو تنهنڪري هو اڃا بہ وڌيڪ جوش سان دعا گھرڻ لڳو، جو سندس پگھر رت جي ڦڙن وانگر زمين تي ڪري رهيو هو.