Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 143:11 - Muslim Sindhi Bible

11 اي خداوند! پنهنجي نالي خاطر مون کي جيئرو رک، ۽ پنهنجي سچائيءَ موجب مون کي تڪليفن مان ڪڍ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

11 اي خداوند پنهنجي نالي جي خاطر مون کي جيئرو ڪر: پنهنجيءَ راستبازيءَ جي ڪري منهنجي جان کي تڪليفن مان ڪڍي ٻاهر ڪر.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 143:11
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي خداوند! آءٌ ڏاڍو ڏکايل آهيان، تون پنهنجي ڪيل واعدي موجب مون کي جيئرو رک.


اي خداوند! منهنجي حياتي کُٽڻ تي آهي، تون پنهنجي واعدي موجب مون کي نئين حياتي عطا ڪر.


مون کي باطل شين ڏانهن مائل ٿيڻ کان باز رک، بلڪ پنهنجيءَ واٽ تي هلاءِ تہ جيئن حياتي عطا ٿئيم.


ڏس، آءٌ تنهنجي قانونن جو ڪيڏو نہ سڪايل رهيو آهيان، هاڻ تون پنهنجي سچائيءَ موجب مون کي نئون جياپو عطا ڪر.


تون پنهنجي دائمي ٻاجھہ موجب مون کي حياتي بخش، تان‌تہ آءٌ تنهنجي زبان جي حڪمن تي عمل ڪندو رهان.


توڙي جو آءٌ مصيبتن مان ٿو گذران، تہ بہ تون مون کي محفوظ رکين ٿو، ۽ منهنجي دشمنن جي ڪاوڙ خلاف تون مٿن هٿ کڻين ٿو. بيشڪ تنهنجو زورآور هٿ مون کي بچائي وٺي ٿو.


اي خداوند! منهنجي دعا ٻڌ. تون پنهنجي وفا موجب منهنجي منٿن تي ڪن ڏي. هائو، پنهنجي سچائيءَ مطابق مون کي ورندي ڏي.


اي خداوند! منهنجي بدڪاري تمام وڏي آهي، سو پنهنجي نالي جي سچائيءَ موجب تون اها معاف ڪر.


منهنجي دل جا ڏک دور ڪر. مون کي سڀني مصيبتن کان ڇڏاءِ.


اي خداوند! آءٌ تنهنجي پناهہ ٿو وٺان، مون کي شرمندو ٿيڻ نہ ڏجانءِ. پنهنجي سچائيءَ جي خاطر تون مون کي بچائي وٺجانءِ.


سچار ماڻهن جي مٿان تڪليفون تہ گھڻيون ئي آهن، پر خداوند انهن سڀني کان کين ڇڏائي ٿو.


پنهنجي سچائيءَ موجب اچي مدد ڪري مون کي بچاءِ، تون مون ڏانهن پنهنجو ڪن ڏي ۽ مون کي بچائي وٺ.


ڇا تون اسان کي نئين سر جيئرو نہ ڪندين؟ تان‌تہ تنهنجي ڪري تنهنجي قوم خوشيون ڪري.


اي خداوند! مون تنهنجي هاڪ ٻڌي آهي. اي خداوند! آءٌ تنهنجي عجيب ڪمن تي اچرج ۾ آهيان. اسان جي حياتيءَ ۾ ئي اهي ڏينهن وري آڻ، هن ئي زماني ۾ انهن کي وري پڌرو ڪر، پنهنجي غضب جي وقت رحم کي بہ ياد ڪر.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ