Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 143:1 - Muslim Sindhi Bible

1 اي خداوند! منهنجي دعا ٻڌ. تون پنهنجي وفا موجب منهنجي منٿن تي ڪن ڏي. هائو، پنهنجي سچائيءَ مطابق مون کي ورندي ڏي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 اي خداوند منهنجي دعا ٻڌ، ۽ منهنجين منٿن تي ڪن ڏي: پنهنجي وفاداريءَ ۽ راستبازيءَ ۾ مون کي جواب ڏي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 143:1
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هاڻي اي خداوند خدا! جيڪو واعدو تو هن پنهنجي ٻانهي ۽ سندس گھراڻي جي باري ۾ ڪيو آهي، سو هميشہ لاءِ قائم ڪر ۽ جيئن چيو اٿيئي تيئن ئي ڪر،


آءٌ تو خداوند کي پنهنجو ئي خدا چوان ٿو. سو اي خداوند! منهنجي منٿن تي پنهنجو ڪن ڏي.


اي خداوند! حق وارو عرض ٻڌ ۽ منهنجي دانهن تي ڌيان ڏي. منهنجي اها دعا ڪن ڏيئي ٻڌ جيڪا بي‌ريا چپن مان ٿي نڪري.


اي خداوند! آءٌ تنهنجي پناهہ ٿو وٺان، مون کي شرمندو ٿيڻ نہ ڏجانءِ. پنهنجي سچائيءَ جي خاطر تون مون کي بچائي وٺجانءِ.


پنهنجي سچائيءَ موجب اچي مدد ڪري مون کي بچاءِ، تون مون ڏانهن پنهنجو ڪن ڏي ۽ مون کي بچائي وٺ.


اي رب! آءٌ تو کي منٿ ٿو ڪريان تہ پنهنجي سچائيءَ سان ڪيل ڪمن موجب، پنهنجي ڪاوڙ، پنهنجو قهر يروشلم جي شهر تان يعني پنهنجي پاڪ جبل صيئون تان ٽاري ڇڏ، ڇاڪاڻ تہ اسان جي گناهن ۽ اسان جي ابن ڏاڏن جي بدڪارين جي ڪري يروشلم ۽ تنهنجي قوم پنهنجي سڀني آس‌پاس وارن جي طعنن جو سبب بڻي آهي.


پر جيڪڏهن اسين پنهنجا گناهہ باسينداسين تہ خدا اسان جا گناهہ معاف ڪرڻ ۽ اسان کي سڄي بڇڙائيءَ کان پاڪ ڪرڻ وارو پنهنجو واعدو پاڙيندو، ڇاڪاڻ تہ هو سچو ۽ وفا ڪرڻ وارو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ