Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 142:7 - Muslim Sindhi Bible

7 اي خداوند! تون مون کي هن ڌٻڻ مان ڪڍ، تان‌تہ آءٌ تنهنجي نالي جو شڪرانو ادا ڪريان. تڏهن تنهنجي انهيءَ ڀلائيءَ جي نتيجي ۾ گھڻا ئي سچار اچي شڪراني ۾ مون سان شامل ٿيندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

7 منهنجيءَ جان کي قيد مان ٻاهر ڪڍ، تہ آءٌ تنهنجي نالي جي شڪر گذاري ڪريان: راستباز منهنجي آسپاس گڏ ٿيندا؛ ڇو جو تون مون سان ڏاڍي ڀلائي ڪندين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 142:7
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خداوند مون تي ايڏو تہ احسان ڪيو آهي، جو مون کي وري ڪابہ ڳڻتي ڪرڻ جي ضرورت ڪانهي.


تون پنهنجي هن بندي تي پنهنجو جھجھو احسان ڪر، تان‌تہ آءٌ جيئرو رهان ۽ تنهنجي فرمان تي عمل پيو ڪريان.


جيڪي تنهنجو خوف ٿا رکن، سي مون کي ڏسي خوش ٿيندا، ڇاڪاڻ تہ تنهنجي فرمان تي ئي منهنجي سڄي اميد آهي.


آءٌ پنهنجي خداوند جي واکاڻ پيو ڳائيندس، ڇاڪاڻ تہ هن مون سان گھڻي ڀلائي ڪئي آهي.


اي خداوند! آءٌ بلند آواز سان تو کي فرياد ٿو ڪريان، هائو، آءٌ وڏي آواز سان تو خداوند کي منٿون ٿو ڪريان.


اي خداوند! پنهنجي نالي خاطر مون کي جيئرو رک، ۽ پنهنجي سچائيءَ موجب مون کي تڪليفن مان ڪڍ.


اي خداوند! مون کي منهنجي دشمنن کان ڇڏاءِ، ڇاڪاڻ تہ آءٌ پناهہ لاءِ تو وٽ ئي ڊوڙي آيو آهيان.


هو ستايلن جي حق ۾ فيصلو ڏئي ٿو، بکايلن کي کاڌو ڏئي ٿو، ۽ قيدين کي ڇڏائي ٿو.


تو مون کي دشمن جي هٿ قيدي بڻائي نہ رکيو آهي، بلڪ تو مون کي آزادي عطا ڪئي آهي.


هائو، آءٌ خداوند جي واکاڻ ڪندو رهندس. جيڪي بہ ڏکايل آهن سي اها ٻڌي خوش ٿيندا.


جيڪي نيڪيءَ جي عيوض بدي ٿا ڪن، سي منهنجا دشمن بڻجي ويا آهن، ڇوجو آءٌ نيڪيءَ جي راهہ تي هلندو ٿو رهان.


تان‌تہ تنهنجي ڇڏائڻ سبب آءٌ ڏاڍو سرهو ٿيان، ۽ سڄي يروشلم شهر اندر تنهنجي تعريف ڪريان.


تون جڏهن ظاهر ٿو ٿئين، تہ منهنجا دشمن پٺتي هٽيو ٿا وڃن، تو کي ڏسي هو ڦهڪو ڏيئي ڪرن ٿا ۽ مريو ٿا وڃن.


خداوند خدا مون کي پنهنجي روح سان ڀري ڇڏيو آهي. هن مون کي مخصوص ڪيو آهي تہ آءٌ وڃي مسڪينن کي خوشخبري ٻڌايان. هائو، هن مون کي موڪليو آهي تہ آءٌ دلشڪستن جي دلجوئي ڪريان، ۽ قيدين کي آزاديءَ جي ۽ باندين کي سندن بند کلڻ جي بشارت ڏيان.


پر خدا هن کي موت جي تڪليفن کان آزاد ڪندي وري جيئرو ڪري ورتو، ڇاڪاڻ تہ اهو ناممڪن هو جو هو موت جي قبضي ۾ رهي.


اوهين ڄاڻو ٿا تہ اسين صبر سان تڪليفون سهڻ وارن کي سڀاڳو ٿا سڏيون. اوهان ايوب جي صبر بابت تہ ٻڌو آهي ۽ اها بہ خبر اٿوَ تہ پڇاڙيءَ ۾ خداوند هن لاءِ ڇا ڇا ڪيو. انهيءَ مان ظاهر آهي تہ خداوند نهايت ٻاجھارو ۽ رحم وارو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ