Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 142:4 - Muslim Sindhi Bible

4 اتي آءٌ واجھائي ڏسان ٿو تہ ڪوبہ ويجھو ڪونهي جيڪو مون ڏانهن ڌيان ڏئي. ڪوبہ ناهي جيڪو منهنجو فڪر ڪري. هائو، مون لاءِ ڪا جاءِ‌پناهہ ناهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

4 منهنجي ساڄي هٿ ڏانهن نهار ۽ ڏس؛ ڇو جو اهڙو ڪوئي ڪونهي جو مون کي سڃاڻي: مون لاءِ ڪا پناهہ ڪانهي؛ ڪنهن کي منهنجي جان جو فڪر ڪونهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 142:4
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر شريرن کي ڪا ڀلائي ڏسڻ ۾ ڪين ايندي. کين ڀڄڻ جو ڪو رستو ڪونہ ملندو. سندن آخري اميد رڳو موت ئي هوندي.“


سچارن جي راهہ جي خداوند پاڻ سنڀال ڪري ٿو، پر بڇڙا جنهن راهہ تي هلن ٿا سا برباديءَ ڏانهن ٿي وڃي.


آءٌ تو خداوند کي پنهنجو ئي خدا چوان ٿو. سو اي خداوند! منهنجي منٿن تي پنهنجو ڪن ڏي.


بدڪارن مون لاءِ جيڪو ڦندو اَڏايو آهي، هائو، جيڪا ڦاهي مون لاءِ اڏي اٿائون، تنهن کان مون کي بچائي وٺ.


تنهنڪري آءٌ ڏاڍي پريشانيءَ ۾ پئجي ويو آهيان، ۽ بيحد دلگير ٿو رهان.


مون کان نہ رڳو دشمن نفرت ڪن ٿا، بلڪ دوست بہ مون کان حقارت ٿا ڪن. منهنجا واقف منهنجي حالت ڏسي ڊڄيو ٿا وڃن. جڏهن هو مون کي واٽ تي ڏسن ٿا، تڏهن مون کان ڀڄي پاسو ٿا ڪن.


مهڻن منهنجي دل ڀڃي وڌي آهي، ۽ آءٌ ڏاڍو غمگين ٿي پيو آهيان. مون واجھايو پئي تہ من ڪنهن کي ڪهل پوي، پر اهڙو ڪوبہ ڪونہ هو. مون ڏٺو پئي تہ من ڪو مون کي دلاسو ڏئي، پر اهڙو ڪوبہ ڪونہ مليو.


تنهنجي هن مصيبت ڏيڻ جي ڪري منهنجا ساٿي ۽ پيارا بہ مون کان پري ٿي ويا آهن، هاڻ تہ اونداهي ئي منهنجي ساٿي ۽ رفيق آهي.


تو منهنجي ويجھن ساٿين کي مون کان پري ڪيو آهي، سندن نظر ۾ تو مون کي ڪراهت جهڙو ڪري ڇڏيو آهي. آءٌ اهڙي بند ۾ پيو آهيان جنهن مان بچي نڪري نہ ٿو سگھان.


مٿن اوچتو ڪو لشڪر آڻي ڪڙڪاءِ، تہ سندن گھرن مان دانهون ۽ ڪوڪون ٻڌڻ ۾ اچن، ڇاڪاڻ تہ هنن مون کي ڦاسائڻ لاءِ هڪ کڏ کوٽي آهي، ۽ منهنجي راهن ۾ ڪوڙڪي اڏائي اٿن.


هاڻ اي ڌنارؤ! اوهان کي ڀڄڻ جو ڪو رستو ئي نہ ملندو، هائو، اي قوم جا اڳواڻؤ! اوهان کي بچڻ لاءِ ڪابہ پناهہ‌گاهہ نہ ملندي.


پر اوهان کي آءٌ وري تندرست ڪندس ۽ اوهان جا ڦٽ ڇٽائيندس، انهيءَ لاءِ تہ اڳتي دشمن ائين نہ چون تہ ’اي صيئون! تون تہ رد ڪيل آهين، ڪنهن کي بہ تنهنجي پرواهہ ناهي.‘“


جيڪي ماڻهو ڪُوڙن ديوتائن کي ٿا مڃن، سي تنهنجي فضل کان محروم ٿي وڃن ٿا.


پر اهو سڀ انهيءَ لاءِ ٿي رهيو آهي تہ جيئن جيڪي ڪجھہ نبين جي معرفت پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي، سو پورو ٿئي.“ تڏهن سڀيئي شاگرد عيسيٰ کي ڇڏي ڀڄي ويا.


ڪورٽ ۾ صفائي پيش ڪرڻ واري منهنجي پهرين حاضريءَ تي ڪنهن بہ منهنجو ساٿ نہ ڏنو، بلڪ سڀني مون کي ڇڏي ڏنو. شل خدا کانئن انهيءَ جو حساب نہ وٺي.


پوءِ دائود سوچڻ لڳو تہ ”ڪنهن نہ ڪنهن ڏينهن آءٌ سائول جي هٿان ماريو ويندس. سو منهنجي لاءِ انهيءَ کان بهتر ٻي ڳالهہ ڪانهي تہ آءٌ فلستين جي ملڪ ڏانهن هليو وڃان. پوءِ هو نااميد ٿي مون کي اسرائيل جي سرحدن ۾ وري نہ ڳوليندو. اهڙيءَ طرح آءٌ سندس هٿان بچي ويندس.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ