Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 140:9 - Muslim Sindhi Bible

9 جيڪي پنهنجا ڳاٽ اوچا ڪري چوڌاري مون کي گھيرو ڪن ٿا، تن جا بڇڙائيءَ وارا دڙڪا شال سندن مٿان ئي پون!

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

9 جيڪي پنهنجو ڪنڌ مٿي ڪري مون کي چوڌاري گهيرو ٿا ڪن، تن جي وات جي بڇڙائي شل سندن مٿان پوي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 140:9
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهن تي سندس زال زرش ۽ ٻين سڀني دوستن کيس صلاح ڏني تہ ”ٻاويهہ ميٽر ڊگھي ڦاهي ٺهراءِ ۽ سڀاڻي صبح جو شهنشاهہ کي چئُہ تہ مردڪئيءَ کي ان تي چاڙهي ڦاهي ڏياري ڇڏي. پوءِ تون شهنشاهہ سان گڏجي دعوت ۾ وڃي خوشيون ملهاءِ.“ هامان کي اها صلاح ڏاڍي وڻي، سو هن ڦاهي ٺهرائي.


سو هامان کي ان ڦاهيءَ تي لٽڪايو ويو جيڪا هن مردڪئيءَ لاءِ ٺهرائي هئي. تڏهن وڃي شهنشاهہ جي ڪاوڙ جھڪي ٿي.


سندن ئي زبان سندن برباديءَ جو سبب بڻبي، ۽ پوءِ جيڪو بہ انهن کي ڏسندو، سو حيرت وچان پنهنجو ڪنڌ ڌوڻيندو.


هنن جي لچائي موٽي اچي خود انهن جي مٿان پوي ٿي. هو جيڪو ظلم ڪن ٿا سو سندن ئي ڪنڌ تي اچي ڪڙڪي ٿو.


هو انهن کي سندن بدڪارين جو بدلو ضرور ڏيندو، هائو، هو انهن کي سندن بڇڙائيءَ ۾ برباد ڪري ڇڏيندو. بيشڪ خداوند اسان جو خدا انهن کي فنا ڪري ڇڏيندو.


سچار ماڻهوءَ جي ڳالهين ۾ حياتيءَ جو چشمو آهي، مگر بدڪارن جي ڳالهين ۾ بڇڙائي سمايل آهي.


سچار ماڻهوءَ جي هر ڪو واکاڻ ٿو ڪري. بدڪار بہ پنهنجي زبان سان تہ سندس واکاڻ ڪن ٿا، پر سندن دل ۾ بڇڙائي آهي.


بدڪار ماڻهو پنهنجين ئي ڳالهين جي ڪري ڦاسيو پوي، مگر ايماندار ماڻهو مصيبتن مان ڇڏايا ٿا وڃن.


بي‌وقوف جي زبان سندس ئي برباديءَ جو باعث ٿي بڻجي، هائو، سندس ڳالهائڻ ئي هن جي لاءِ ڦندو ثابت ٿو ٿئي.


سڀني ماڻهن جواب ۾ چيو تہ ”ڀلي تہ هن جي خون جي ذميواري اسان تي ۽ اسان جي اولاد تي هجي.“


پر پوءِ مون کي اهو انديشو ٿيو تہ متان سندن دشمن فخر ڪري انهيءَ کي ابتو سمجھن، جو ائين چوندا وتن تہ ”اسان انهن کي برباد ڪيو آهي، هي سڀ خداوند نہ بلڪ اسان ئي ڪيو آهي.“‘


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ