Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 140:6 - Muslim Sindhi Bible

6 آءٌ تو خداوند کي پنهنجو ئي خدا چوان ٿو. سو اي خداوند! منهنجي منٿن تي پنهنجو ڪن ڏي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

6 مون خداوند کي چيو تہ تون منهنجو خدا آهين: اي خداوند، تون منهنجي منٿ جي آواز تي ڪن ڏي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 140:6
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

مون کي خداوند سان محبت آهي، ڇوجو هن منهنجي دانهن ۽ منهنجي منٿن کي ٻڌو آهي.


اي خداوند! تون ئي تہ منهنجو سڀ ڪجھہ آهين. آءٌ واعدو ٿو ڪريان تہ تنهنجي شريعت تي عمل ڪندو رهندس.


اي ڌڻي! تون منهنجو آواز ٻڌ، اي منهنجا رب! منهنجي منٿ واري آواز تي پنهنجو ڪن ڏي.


اتي آءٌ واجھائي ڏسان ٿو تہ ڪوبہ ويجھو ڪونهي جيڪو مون ڏانهن ڌيان ڏئي. ڪوبہ ناهي جيڪو منهنجو فڪر ڪري. هائو، مون لاءِ ڪا جاءِ‌پناهہ ناهي.


تڏهن اي خداوند! آءٌ تو کي ئي پڪاريان ٿو، ۽ چوان ٿو تہ تون ئي منهنجي جاءِ‌پناهہ آهين، بلڪ هن دنيا ۾ تون ئي مون لاءِ سڀ ڪجھہ آهين.


اي خداوند! منهنجي دعا ٻڌ. تون پنهنجي وفا موجب منهنجي منٿن تي ڪن ڏي. هائو، پنهنجي سچائيءَ مطابق مون کي ورندي ڏي.


اي خداوند! آءٌ چوان ٿو تہ تون منهنجو رب آهين. تو کان سواءِ منهنجي ڀلائي ڪرڻ وارو ڪوبہ ڪونهي.


پر اي خداوند! منهنجي تو تي پوري توڪل آهي، تڏهن تہ آءٌ ائين ٿو چوان تہ ”منهنجو خدا تون ئي آهين.“


اي خدا! منهنجو تو تي ڀروسو آهي، هائو، اهڙو ڀروسو جيڪو ڪڏهن بہ ختم ٿي نہ سگھي. سو آءٌ گيت ڳائي تنهنجي واکاڻ ڪندس.


اي خدا! منهنجو فرياد ٻڌ. تون مون کي خوفناڪ دشمنن کان محفوظ رک.


خداوند کي اوهين هيئن چئو تہ ”اي اسان جي پناهہ ۽ اسان جا قلعا! تون ئي اسان جو خدا آهين جنهن تي اسان کي ڀروسو آهي.“


مٿن اوچتو ڪو لشڪر آڻي ڪڙڪاءِ، تہ سندن گھرن مان دانهون ۽ ڪوڪون ٻڌڻ ۾ اچن، ڇاڪاڻ تہ هنن مون کي ڦاسائڻ لاءِ هڪ کڏ کوٽي آهي، ۽ منهنجي راهن ۾ ڪوڙڪي اڏائي اٿن.


سو منهنجي دل چوي ٿي تہ جيئن تہ خداوند پنهنجي لاءِ مون کي وقف ڪري ڇڏيو آهي، تنهنڪري منهنجي اميد آسرو انهيءَ ۾ ئي آهي.


آءٌ انهيءَ ٽئين حصي کي پاڪ صاف ڪندس، هائو، کين سون ۽ چانديءَ وانگر باهہ ۾ تپائي صاف ڪندس. پوءِ هو منهنجو نالو وٺي پڪاريندا ۽ آءٌ کين ورندي ڏيندس. هو چوندا تہ ’خداوند ئي اسان جو خدا آهي،‘ ۽ آءٌ چوندس تہ ’هيءَ منهنجي قوم آهي.‘“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ