Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 140:5 - Muslim Sindhi Bible

5 انهن مغرور ماڻهن مون لاءِ ڦندو لڪائي رکيو آهي، ۽ مون کي ڦاسائڻ لاءِ ڄار پکيڙيو اٿائون. هائو، اهي منهنجي هر واٽ تي مون لاءِ ڦاهي اڏيو ويٺا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

5 مغرورن مون لاءِ ڦندو ۽ رسيون لڪائي رکيون آهن؛ ۽ واٽ جي ڀرسان ڄار پکيڙيو اٿن؛ انهن مون لاءِ ڦاهي وڇائي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 140:5
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڦندو سندن پيرن کي جڪڙي وٺندو، ۽ کين پڪڙي سوگھو ڪندو.


هائو، بدڪار ماڻهن مون لاءِ ڦندو اڏيو آهي، پر تڏهن بہ آءٌ تنهنجي قاعدن کان نہ ڦريو آهيان.


مغرور ماڻهو مون تي تهمتون ٿا هڻن، پر آءٌ پنهنجي پوريءَ دل سان تنهنجي قاعدن تي هلندو رهان ٿو.


اهي ئي مغرور ماڻهو، جيڪي شريعت تي نہ ٿا هلن، تن منهنجي واسطي کڏون کوٽيون آهن.


ڇاڪاڻ تہ جڏهن آءٌ پريشان ٿيان ٿو، تڏهن تون ئي اهو ڄاڻين ٿو تہ ان وقت آءٌ ڇا ڪريان. جنهن راهہ تان آءٌ گذران ٿو، تنهن راهہ تي دشمن ڦندو اڏيو ويٺا آهن.


مون لاءِ جيڪو ڳجھيءَ طرح ڄار پکيڙيو اٿن، تنهن کان مون کي بچائي وٺجانءِ، ڇاڪاڻ تہ تون منهنجي جاءِ‌پناهہ آهين.


ڇاڪاڻ تہ هنن مون کي ڦاسائڻ لاءِ ڄار وڇايو آهي. هائو، هنن بي‌سبب مون لاءِ کڏ کوٽي آهي.


سو ائين نہ ٿئي جو مغرور ماڻهو مون تي لت کڻن. هائو، ائين نہ ٿئي جو انهن بڇڙن جو هٿ مون کي لوڌي ڪڍي.


اي خدا! تون منهنجو انصاف ڪر، نافرمانن جي ڀيٽ ۾ تون منهنجي وڪالت ڪر. هائو، ٺڳن ۽ بي‌انصافن کان تون منهنجو بچاءُ ڪر،


منهنجي دشمنن مون کي ڦاسائڻ جي لاءِ ڄار پکيڙيو آهي، جنهن ڪري مون کي بي‌وس ڪري ڇڏيو اٿائون. پر جيڪا کڏ هنن منهنجي راهہ ۾ کوٽي آهي، تنهن ۾ هو پاڻ وڃي ڪريا آهن.


انهن بدڪار ماڻهن وانگر نہ ٿيو، جيڪي ڪنهن ايماندار ماڻهوءَ کي لٽڻ ڦرڻ جا منصوبا ٿا جوڙين، ۽ انهيءَ جي ڪٽنب وارن کي نقصان ٿا پهچائين.


جيڪو ماڻهو ٻين جي اجائي خوشامند ٿو ڪري، سو حقيقت ۾ انهن لاءِ هڪڙو ڦندو ٿو اڏي.


تڏهن ماڻهن چيو تہ ”اچو تہ يرمياہ جي خلاف ڪي منصوبا جوڙيون، ڇاڪاڻ تہ هن جي نہ هجڻ سان اسان جي ڪاهنن وٽان خدا جي شريعت هلي ڪين ويندي، نڪي اسان جي ڏاهن وٽان صلاح مصلحت ۽ نبين وٽان خداوند جو فرمان ختم ٿي ويندو. تنهنڪري اچو تہ سندس ڳالهين تي ڌيان ڏيڻ بدران ڪو ڏوهہ ڏيئي کيس ڦاسايون.“


مون تہ هنن سان ڀلائي ڪئي آهي، پر انهيءَ جي عيوض ۾ هنن مون لاءِ کڏ کوٽي آهي. ياد ڪر تہ ڪيئن نہ مون تنهنجي اڳيان بيهي هنن لاءِ سفارش ڪئي هئي، تہ جيئن هنن تان تنهنجو ڏمر هٽي وڃي.


مٿن اوچتو ڪو لشڪر آڻي ڪڙڪاءِ، تہ سندن گھرن مان دانهون ۽ ڪوڪون ٻڌڻ ۾ اچن، ڇاڪاڻ تہ هنن مون کي ڦاسائڻ لاءِ هڪ کڏ کوٽي آهي، ۽ منهنجي راهن ۾ ڪوڙڪي اڏائي اٿن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ