2 يعني انهن کان، جيڪي پنهنجيءَ دل ۾ بڇڙائيءَ جا منصوبا ٿا جوڙين، ۽ روز بروز فساد کڙا ڪن ٿا.
2 جي پنهنجي دل ۾ ٺڳيءَ جا پهہ پيا پچائين؛ ۽ هميشہ جنگ ڪرڻ لاءِ پيا گڏ ٿين.
آءٌ تہ صلح جو ڏاڍو ڪوڏيو آهيان، پر جڏهن صلح جي ڳالهہ ٿو ڪريان تڏهن هو جنگ جي لاءِ تيار ٿيو وڃن.
جيتوڻيڪ هنن تنهنجي خلاف برائيءَ جو ارادو ڪيو آهي، تہ بہ هو پنهنجي انهيءَ رٿيل سازش ۾ ڪامياب ٿي نہ سگھندا.
اهي پنهنجي هنڌ تي ليٽي بہ بڇڙائيءَ جون ئي رٿون ٿا رٿين. اهي برائيءَ کان نفرت نہ ٿا ڪن بلڪ بريءَ راهہ تي هلندا ٿا رهن.
موقعو ڏسي منهنجي جان جا دشمن مون لاءِ ڦندا ٿا اڏين. هائو، جيڪي منهنجو نقصان ٿا چاهين، سي تباهيءَ جون ڳالهيون پيا ڪن. اهي مون سان دغا ڪرڻ لاءِ سڄو ڏينهن منصوبا پيا جوڙين.
اهي گڏجي ڇپي ٿا ويهن ۽ مون کي تاڙين ٿا. هو منهنجي ساهہ ڪڍڻ جي انتظار ۾ آهن.
ڏس، هو منهنجي جان وٺڻ لاءِ تاڙيو ويٺا آهن. اهي خونخوار ماڻهو منهنجي خلاف گڏ ٿيا آهن. اي خداوند! توڙي جو منهنجو ڪوبہ گناهہ يا خطا ناهي،
اي دشمنؤ! اوهين ڪيستائين مون جهڙي ماڻهوءَ کي مارڻ لاءِ گڏجي حملو ڪندا رهندا؟ هائو، آءٌ جيڪو ڳريل ڀت وانگر جھڪيل رهان ٿو، ۽ لڏندڙ ڪنڌيءَ جيان ڪمزور آهيان.
بڇڙائيءَ جا منصوبا جوڙيندڙ جي دل ۾ ٺڳي ٿي رهي، مگر نيڪ صلاحون ڏيندڙ خوشيون ٿا حاصل ڪن.
انهن ٺڳن جي دلين ۾ ٺڳيءَ جي باهہ سڄي رات دکندي رهي ٿي، ۽ صبح جو ڀڙڪي اُٿي ٿي.
اي نينواہ! تو منجھان هڪڙو اهڙو شخص نڪري نروار ٿيو آهي، جيڪو خداوند جي خلاف منصوبا ٿو رٿي، ۽ ماڻهن کي بڇڙائيءَ لاءِ اُڪسائي ٿو.