6 اهي غريبن جي رٿن کي بگاڙڻ ٿا چاهين، پر خداوند خود انهن مسڪينن جي پناهہگاهہ ٿو بڻجي.
6 اوهين غريب جي صلاح کي لڄايو ٿا، ڇو جو خداوند هنجي پناهہ آهي.
تڏهن اي خداوند! آءٌ تو کي ئي پڪاريان ٿو، ۽ چوان ٿو تہ تون ئي منهنجي جاءِپناهہ آهين، بلڪ هن دنيا ۾ تون ئي مون لاءِ سڀ ڪجھہ آهين.
ڪيترائي آهن جيڪي مون لاءِ هيئن ٿا چون تہ ”هن کي خدا وٽان ڪابہ مدد ڪانہ ملندي.“
اي فاني انسانؤ! اوهين ڪيستائين پيا منهنجي بدنامي ڪندا؟ ڪيستائين اوهين بيهودگي پيا چاهيندا؟ ۽ ڪوڙ جي پٺيان هوندا؟
اي منهنجا رب! آءٌ تہ مسڪين ۽ محتاج آهيان، پر تون منهنجو فڪر ٿو ڪرين. اي منهنجا خدا! بيشڪ تون ئي منهنجو مددگار ۽ بچائيندڙ آهين، سو هاڻي جلدي اچي منهنجي مدد ڪر.
منهنجي هڏين ۾ ڄڻ تير ٿا چڀن، ڇاڪاڻ تہ منهنجا دشمن هر وقت مون کي طعنا هڻندي چون ٿا تہ ”تنهنجو خدا آهي ڪٿي؟“
خدا اسان جي پناهہ ۽ اسان جي طاقت آهي. اهو مصيبت جي وقت تي هر دم تيار مددگار آهي.
بيشڪ اي خداوند! تون مظلومن جي جاءِپناهہ آهين. تون ئي مصيبت جي وقت تي سندن محفوظ قلعو آهين.
اوهان چيو آهي تہ ”اسين يهوداہ ۽ اسرائيل وارن جي ٻنهي ملڪن تي قبضو ڪنداسين تہ جيئن اسين ئي انهن جا مالڪ ٿيون.“ توڙي جو اهي ملڪ مون خداوند جا ئي آهن.
هاڻي ٻڌو، جيڪڏهن اوهين هينئر بہ آمادہ آهيو تہ انهن سڀني قسمن جي سازن جو آواز ٻڌڻ سان هن سوني مورتيءَ کي سجدو ڪريو تہ چڱو، پر جي اوهان ائين نہ ڪيو تہ هن ئي گھڙيءَ اوهان کي ڀڙڪندڙ باهہ جي کوري ۾ اڇلايو ويندو. پوءِ آءٌ ڏسندس تہ اهو ڪهڙو معبود آهي، جيڪو اوهان کي منهنجي هٿان ڇڏائي ٿو.“
سو خدا جو واعدو ۽ قسم ٻئي اهڙيون شيون آهن جيڪي بدلجي نہ ٿيون سگھن ۽ جن جي باري ۾ خدا جو ڪوڙو ٿيڻ ناممڪن آهي. خدا اهو انهيءَ ڪري ڪيو تہ اسين جيڪي سندس پناهہ وٺڻ لاءِ ڊوڙيا آهيون، سي پڪيءَ طرح خاطري ڪري انهيءَ اميد تي قائم رهون جيڪا اسان کي ڏيکاري ويئي آهي.