7 آءٌ تو کان ڀڄي ڪيڏانهن وڃي سگھان ٿو؟ تنهنجي نظر کان بچي آءٌ ڪٿي لڪي سگھان ٿو؟
7 آءٌ تنهنجي روح وٽان ڀڄي ڪيڏانهن وڃان؟ يا تنهنجي نظر کان بچي ڪٿي وڃي لڪان؟
پوءِ بہ تون چوين ٿو تہ ’خدا ڇا ٿو ڄاڻي؟ هو گھاٽن ڪڪرن جي اونداهيءَ مان ڪو انصاف ڪري سگھندو ڇا؟
يونس کين وڌيڪ ٻڌايو تہ ”آءٌ خداوند کان ڀڄي نڪتو آهيان.“ تڏهن اهي ماڻهو ڏاڍا ڊنا ۽ چيائونس تہ ”تو هي ڇا ڪيو آهي؟“
پر يونس اٿيو ۽ خداوند کان پري ڀڄي وڃڻ لاءِ ٻئي طرف واري شهر ترسيس ڏانهن کڻي منهن ڪيائين. هو يافا بندر تي پهتو ۽ اُتي هڪ سامونڊي جهاز ڏٺائين جيڪو ترسيس ڏانهن وڃڻ وارو هو. هو ڀاڙو ڏيئي ان ۾ وڃي ويٺو، انهيءَ لاءِ تہ خداوند کان ڀڄي جهاز وارن سان گڏ ترسيس ڏانهن هليو وڃي.
تنهن تي پطرس کيس چيو تہ ”اها ڪهڙي ڳالهہ آهي جو تو ۽ تنهنجي مڙس گڏجي خداوند جي پاڪ روح کي آزمائڻ لاءِ ائين ڪيو؟ ڏس، جن ماڻهن تنهنجي مڙس کي دفن ڪيو آهي، سي هاڻي دروازي تي اچي پهتا آهن. اهي تو کي بہ ٻاهر کڻي ويندا.“