زبور 137:8 - Muslim Sindhi Bible8 ٻڌو، اي بابل وارؤ! اوهين جيڪي برباد ٿيڻ تي آهيو. اهي ماڻهو سڀاڳا هوندا، جيڪي توهان سان اهڙي ئي هلت ڪندا، جهڙي توهان اسان سان ڪئي هئي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible8 اي بابل جي ڌيءَ جا برباد ٿيڻ واري آهين؛ مبارڪ اُهو ٿيندو جو جهڙي هلت تو اسان سان ڪئي آهي تهڙي توسان ڪندو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي بابل جا دشمنؤ! نہ رڳو ماهر تيراندازن، بلڪ هر تيرڪمان ڇڪيندڙ کي بابل سان وڙهڻ لاءِ آڻي گڏ ڪريو. بابل شهر جي چوڌاري گھيرو ڪري ويهو، ۽ ڪنهن بہ ماڻهوءَ کي ڀڄي نڪرڻ نہ ڏيو. جهڙا هنن ڪم ڪيا آهن، تهڙي ئي کين سزا ڏيو، هائو، جيئن پاڻ ڪيو اٿائون، تيئن ئي ساڻن ڪريو. جيئن تہ هن مون بني اسرائيل جي پاڪ معبود سان سينو ساهيو آهي،