Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 137:3 - Muslim Sindhi Bible

3 اتي اسان کي قيد ڪندڙن اسان کي ڳائڻ لاءِ چيو، هائو، اسان کي ستائيندڙن پنهنجي وندر لاءِ چيو تہ ”اسان کي صيئون جو ڪو راڳ ڳائي ٻڌايو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

3 ڇالاءِ جو اتي اسان جي قيد ڪرڻ وارن اسان کي راڳ ڳائڻ جو حڪم ڏنو، ۽ جن اسان کي تباهہ ڪيو هو تن جي مرضي هئي تہ اسين خوشيون ڪريون، ۽ چيائون تہ اسان کي صيون جو ڪو راڳ ڳائي ٻڌايو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 137:3
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

دائود کي توڙي صندوق کڻي هلڻ وارن سڀني لاوين، سڀني ڳائڻن ۽ ڳائڻ وارن جي اڳواڻ ڪنانياہ کي عمدي سڻيءَ جا جبا پهريل هئا. دائود کي سڻيءَ جو مذهبي وڳو پڻ پهريل هو.


انهيءَ ئي ڏينهن دائود آسف ۽ سندس ساٿين کي ڳائڻ لاءِ پهريون دفعو خداوند جي تعريف جو هي گيت ڏنو تہ هو ڳائين.


هو پنهنجي ساٿين ۽ سامريہ جي فوج اڳيان چوڻ لڳو تہ ”هي ڪمزور يهودي ڇا ٿا ڪن؟ هو پاڻ تہ اهي ڀتيون ٺاهي نہ ٿا سگھن. انهيءَ لاءِ هو قربانيون پيش ڪندا ڇا؟ هي تعمير جو ڪم هڪڙي ئي ڏينهن ۾ پورو ٿي ويندو ڇا؟ ڪچري جي ڍير ۾ جيڪي پٿر سڙي ويا آهن، هو تن کي وري جوڙي استعمال ڪندا ڇا؟“


اي خدا! صيئون ۾ تنهنجي واکاڻ ڪرڻ لازمي آهي، ۽ اهو بہ تہ تو وٽ باسيل باسون پوريون ڪيون وڃن.


اي خدا! هي ملڪ جيڪو تنهنجي ملڪيت آهي، تنهن ۾ ڌاريون قومون گھڙي آيون آهن. هنن تنهنجي مقدس هيڪل کي ڊاهي ان جي بي‌حرمتي ڪئي آهي، ۽ يروشلم شهر کي ڪيرائي کنڊر بڻائي ڇڏيو اٿائون.


آس‌پاس واريون غير قومون اسان جي زمين لاءِ پاڻ ۾ وڙهن ٿيون. اسان جا دشمن اسان تي کل ۽ چرچو ڪن ٿا.


تان‌تہ تنهنجي ڇڏائڻ سبب آءٌ ڏاڍو سرهو ٿيان، ۽ سڄي يروشلم شهر اندر تنهنجي تعريف ڪريان.


ڏکويل ماڻهوءَ جي اڳيان خوشيءَ جا گيت ڳائڻ ائين آهي، جيئن سياري ۾ ڪنهن جا ڪپڙا لاهي ڇڏڻ، يا جيئن ڪنهن جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪڻ.


هائو، جن ماڻهن کي خداوند بچايو آهي، سي خوشيءَ جا گيت ڳائيندي موٽي يروشلم ۾ داخل ٿيندا. اهي هميشہ خوش رهندا، ۽ خوشيون ۽ شادمانا ملهائيندا رهندا. ڏک ۽ غم انهن جي ويجھو بہ ڪونہ ايندو.


هاڻي بہ جن کي تون ڇڏائيندين، سي خوشيءَ وچان ڳائيندا وڄائيندا، ۽ نعرا هڻندا يروشلم ۾ موٽي ايندا. اهي هميشہ هميشہ لاءِ خوش رهندا، ۽ خوشيون ۽ شادمانا پيا ملهائيندا. غم ۽ رنج سندن ويجھو بہ نہ ايندو.


”يهوداہ جي بادشاهہ حزقياہ جي ڏينهن ۾ ميڪاہ مورشتي اڳڪٿي ڪئي هئي. هن يهوداہ جي سڀني رهاڪن کي قادرِمطلق خداوند جو هي فرمان ٻڌايو هو تہ ’صيئون جبل تي ٻنيءَ وانگر هر هلايو ويندو. هائو، يروشلم مٽيءَ جو ڍير ٿي ويندو، ۽ اُتي جتي هيڪل اڏيل آهي سو جھنگ ئي جھنگ ٿي ويندو.‘


تڏهن خداوند وراڻيو تہ ”آءٌ يروشلم کي مٽيءَ جو ڍير ۽ گدڙن جي جُوءِ بڻائيندس، بلڪ يهوداہ جي سڀني شهرن کي اهڙو تہ ويران ڪندس، جو اتي ڪوبہ رهڻ وارو ڪونہ هوندو.“


تنهنڪري اوهان جي انهن عملن جي ڪري ئي صيئون جبل تي ٻنيءَ وانگر هر هلايو ويندو. هائو، يروشلم مٽيءَ جو ڍير ٿي ويندو ۽ جتي هيڪل اڏيل آهي اُتي جھنگ ئي جھنگ ٿي ويندو.


”ڪو وقت ايندو تہ جيڪي شيون اوهين ڏسو ٿا تن جو ڪو پٿر پٿر تي نہ رهندو جيڪو ڊاٺو نہ ويندو.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ