Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 136:2 - Muslim Sindhi Bible

2 اوهين معبودن جي معبود جو شڪرانو ادا ڪريو، جو انهيءَ جو رحم هميشہ هميشہ تائين قائم آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 خدائن جي خدا جو شڪر ڪريو: ڇو جو هن جو رحم هميشہ تائين آهي:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 136:2
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪو گھر آءٌ تعمير ڪرائڻ وارو آهيان سو تمام عاليشان هوندو، ڇو تہ اسان جو خدا سڀني معبودن کان وڌيڪ عظيم آهي.


معبودن جي مجلس ۾ خدا پاڻ موجود آهي، هائو، انهن معبودن جي هو پاڻ عدالت ڪري ٿو.


تڏهن جيڪي هٿرادو ٺاهيل مورتين جي پوڄا ڪن ٿا، ۽ انهن بتن تي فخر ٿا ڪن سي سڀ خوار خراب ٿين ٿا، جڏهن تہ سڀيئي معبود خداوند آڏو جھڪي سجدو ڪن ٿا.


بيشڪ اي خداوند! تون ئي سڄي جهان جو حڪمرانِ‌اعليٰ آهين. تون سڀني معبودن جي ڀيٽ ۾ گھڻو مٿاهون آهين.


جڏهن مصرين انهيءَ ڳالهہ ۾ مغروريءَ سان بني اسرائيل جي برخلاف ڪم ٿي ڪيو. هاڻي مون کي خبر پيئي آهي تہ خداوند سڀني معبودن کان وڏو آهي.“


پوءِ بادشاهہ دانيال کي چيو تہ ”بيشڪ تنهنجو خدا سڀني معبودن جو بہ معبود، بادشاهن جو ڌڻي ۽ ڳُجھن جو ظاهر ڪندڙ آهي، تڏهن ئي تہ تو انهيءَ راز کي کولي ڇڏيو آهي.“


خداوند اوهان جو خدا، اهو ئي معبودن جو خدا ۽ خداوندن جو خداوند آهي، جيڪو عظيم، قادر ۽ هيبتناڪ خدا آهي. هو طرفداري نہ ٿو ڪري، نڪي رشوت ٿو وٺي.


”خداوند، قادرِمطلق خدا، هائو، خداوند، قادرِمطلق خدا ڄاڻي ٿو ۽ اوهين بني اسرائيل بہ ڄاڻي ڇڏيو تہ جيڪڏهن اسان خداوند جي خلاف بغاوت ڪئي آهي ۽ خداوند جي نافرماني ڪئي اٿئون تہ اڄ اسان کي جيئرو نہ ڇڏيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ