Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 136:16 - Muslim Sindhi Bible

16 انهيءَ جو شڪرانو ادا ڪريو، جيڪو رڻ‌پٽ ۾ پنهنجي قوم جو رهبر بڻيو، جو انهيءَ جو رحم هميشہ هميشہ تائين قائم آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

16 انهي جو جنهن بيابان ۾ پنهنجي اُمت جي رهبري ڪئي: ڇو جو هن جو رحم هميشہ تائين آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 136:16
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تو ڏينهن جو ڪڪر جي ٿنڀي سان سندن رهنمائي ڪئي، ۽ رات جو باهہ جي ٿنڀي سان، تہ جيئن جنهن رستي سان انهن کي هلڻو هو، تنهن تي کين روشني ملي.


تڏهن بہ پنهنجي گھڻي رحم جي ڪري، تو هنن کي بيابان ۾ ڇڏي نہ ڏنو. هائو، ڏينهن جو رستو ڏيکاريندڙ ڪڪر جو ٿنڀو، توڙي رات جو رستو ڏيکاريندڙ باهہ وارو ٿنڀو کين ڇڏي نہ ويو.


جيئن ڪو ڌنار پنهنجي ڌڻ جي رهبري ڪري ٿو، تيئن تو موسيٰ ۽ هارون جي وسيلي پنهنجي قوم جي رهنمائي ڪئي آهي.


پر خدا انهن ماڻهن کي بيابان منجھان ڳاڙهي سمنڊ ڏانهن وٺي آيو. بني اسرائيل مصر جي ملڪ مان هٿيار ٻڌي نڪتا هئا.


پوءِ موسيٰ بني اسرائيل کي ڳاڙهي سمنڊ کان پرتي وٺي هليو ۽ هو شور جي بيابان ۾ آيا. هو ٽن ڏينهن تائين بيابان ۾ پنڌ ڪندا رهيا پر پاڻي ڪٿي بہ نہ ملين.


انهن کي نہ بک لڳندي، نہ اڃ، نڪي گرمي ۽ نہ اُس ئي کين ڪو نقصان پهچائيندي، ڇاڪاڻ تہ جنهن هستيءَ جي مٿن رحمت آهي، سو ئي سندن رهنما ٿيندو، ۽ پاڻيءَ جي چشمن ڏانهن کين وٺي ويندو.


ياد ڪريو، جيستائين اوهين هن هنڌ آيا، تيستائين بيابان ۾ هن اوهان سان ڇا ڇا ڪيو.


هن انهيءَ وڏي ۽ خوفناڪ بيابان ۾ اوهان جي رهنمائي ڪئي، جتي زهريلا نانگ ۽ وڇون هئا. انهيءَ خشڪ ۽ ٺوٺ زمين ۾ هن اوهان جي لاءِ سخت ٽڪريءَ مان پاڻي ڪڍيو.


اوهين انهيءَ سڄي رستي کي ياد رکجو، جنهن تي خداوند اوهان جي خدا اوهان کي چاليهہ سال بيابان ۾ هلايو، انهيءَ لاءِ تہ هو اوهان کي عاجز ڪري آزمائي ۽ اوهان جي دل جي ڳالهہ معلوم ڪري تہ اوهين هن جي حڪمن تي عمل ڪندا يا نہ.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ