Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 136:10 - Muslim Sindhi Bible

10 انهيءَ جو شڪرانو ادا ڪريو، جنهن مصر جي پهريتن کي ماري ڇڏيو هو، جو انهيءَ جو رحم هميشہ هميشہ تائين قائم آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

10 انهي جو جنهن مصر جي پهريتن کي ماريو: ڇو جو هن جو رحم هميشہ تائين آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 136:10
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ هن مصرين جي سڀني پهريتن پٽن کي ماري ڇڏيو، هائو، اهي جيڪي سندن گھراڻي جا پڳدار پٽ هئا.


مصر ۾ انسانن توڙي جانورن جا جيڪي بہ پهريتا هئا، تن سڀني کي هن ئي ماري ڇڏيو.


هن مصر وارن جي پهريتن پٽن کي ماري ڇڏيو، جيڪي هر مصريءَ جي گھراڻي جا پڳدار پٽ هئا.


انهيءَ ئي رات آءٌ مصر جي ملڪ مان لنگھندس ۽ مصر جي ملڪ ۾ جيڪي بہ ماڻهن جا پهريتا پٽ يا جانورن جا پهريتا نر ٻچا هوندا، تن سڀني کي ماري ڇڏيندس. مصر جي سڀني معبودن کي بہ سزا ڏيندس. آءٌ خداوند آهيان.


جڏهن اڌ رات ٿي تہ خداوند مصر وارن جي سڀني پهريتن پٽن کي، فرعون جيڪو تخت تي ويٺو هو تنهن جي پهريتي پٽ کان وٺي انهيءَ قيديءَ جي پهريتي پٽ تائين جيڪو قيدخاني ۾ هو ماري ڇڏيو. خداوند چوپائي مال جي پهريتن نر ٻچن کي بہ ماري ڇڏيو.


خدا هيئن بہ چيس تہ ’جنهن قوم جي غلاميءَ ۾ هو رهندا، تنهن جي خلاف آءٌ فتويٰ جاري ڪندس. تنهن کان پوءِ هو اتان نڪري اچي هن ئي هنڌ منهنجي عبادت ڪندا.‘


ايمان جي ڪري ئي هن عيد فصح قائم ڪئي، جڏهن بني اسرائيل کي حڪم ڏنائين تہ اهي قرباني ڪري رت دروازن جي ٻانهين ۽ سردرن تي ڇٽڪارين، انهيءَ لاءِ تہ موت جو ملائڪ بني اسرائيل جي پهريتن پٽن کي هٿ نہ لائي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ