Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 136:1 - Muslim Sindhi Bible

1 اوهين خداوند جو شڪرانو ادا ڪريو، ڇوجو اهو ڀلو آهي، ۽ انهيءَ جو رحم هميشہ هميشہ تائين قائم آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 خداوند جو شڪر ڪريو؛ ڇو جو هو نيڪ آهي: ۽ هن جو رحم هميشہ تائين آهي:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 136:1
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اوهين خداوند جا ٿورا مڃيو، ڇاڪاڻ تہ هو ڀلو آهي ۽ سندس شفقت هميشہ جي لاءِ آهي.


انهن سان گڏ هيمان ۽ يدوتون ۽ باقي ٻيا جيڪي چونڊيل هئا، سي بہ خداوند جي دائمي رحمت جي ڪري سندس تعريف جا گيت ڳائن.


پوءِ هن ماڻهن سان صلاح مشورو ڪري ڪي ڳائڻ وارا ماڻهو مقرر ڪيا، جيڪي لشڪر جي اڳيان اڳيان هلندي خداوند لاءِ ڳائين ۽ پاڪيزگيءَ سان سندس جمال جي واکاڻ ڪن ۽ هيئن چون تہ ”خداوند جي واکاڻ ڪريو، ڇاڪاڻ تہ سندس شفقت هميشہ جي لاءِ آهي.“


جڏهن بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن باهہ کي نازل ٿيندي ۽ خداوند جي جلوي کي هيڪل جي مٿان لهندي ڏٺو تہ هنن زمين تي منهن ڀر سجدو ڪيو ۽ خداوند جي شڪرگذاري ادا ڪندي چيائون تہ ”هو ڀلو آهي ۽ سندس شفقت هميشہ جي لاءِ آهي.“


ڪاهن پنهنجين مقرر جاين تي بيهي رهيا، ۽ لاوي بہ انهن جي سامهون اهي ساز وڄائي خداوند جي واکاڻ ڪرڻ لڳا، جيڪي دائود بادشاهہ خداوند جي واکاڻ ڳائڻ لاءِ ٺهرايا هئا. هنن انهيءَ مهل ساز وڄائي دائود جو شڪرگذاريءَ وارو هي مقرر ڪيل گيت ڳايو تہ ”خداوند جي شفقت هميشہ جي لاءِ آهي.“ ڪاهن شرنايون وڄائيندا رهيا ۽ بني اسرائيل جا سڀ ماڻهو بيٺا رهيا.


هنن خداوند جي واکاڻ ۽ شڪرگذاري ڳائيندي چيو پئي تہ ”خداوند ڀلو آهي، بني اسرائيل مٿان هن جي شفقت هميشہ جي لاءِ آهي.“ تڏهن سڀني ماڻهن وڏي واڪي خداوند جي ثنا ڪئي، ڇاڪاڻ تہ ان وقت خداوند جي گھر جو بنياد وڌو پئي ويو.


بيشڪ خداوند مهربان آهي، سندس شفقت ابدي شفقت آهي، ۽ سندس وفا پيڙهي بہ پيڙهي قائم رهندي.


پر جيڪي خداوند جو خوف رکن ٿا، تن تي ازل کان وٺي ابد تائين سندس رحمت وسي ٿي. هن جي ڀلائي سندن اولادن جي اولادن تي پڻ هلندي اچي ٿي،


اوهين خداوند جو شڪر ڪريو ۽ سندس نالو پڪاريو. اوهين سندس ڪمن کي قومن منجھہ بيان ڪندا رهو.


خداوند جي واکاڻ ڪريو ۽ سندس ٿورا مڃيو، ڇاڪاڻ تہ هو ڀلو آهي ۽ سندس شفقت هميشہ جي لاءِ آهي.


”اسين خداوند جو شڪر ڪريون ٿا، ڇوجو هو ڀلو آهي ۽ سندس رحم هميشہ تائين قائم آهي.“


خداوند جو شڪرانو ڪريو، ڇاڪاڻ تہ هو ڀلو آهي. سندس رحم ابد تائين قائم آهي.


بيشڪ تون ڪيڏو نہ ڀلو ۽ ٻاجھارو آهين! اي خداوند! تون مون کي پنهنجا قاعدا قانون سيکار.


هو انهن تي پيڙهي بہ پيڙهي رحم ڪري ٿو، جيڪي کانئس ڊڄن ٿا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ