Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 135:7 - Muslim Sindhi Bible

7 ڌرتيءَ جي ڇيڙن کان هو بادل اٿاري آڻي ٿو، مينهن سان گڏ هو وڄ موڪلي ٿو، ۽ پنهنجي گدام مان آنڌي اماڻي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

7 هو زمين جي ڇيڙن کان بخار جا بادل ٿو اُٿاري؛ ۽ مينهن لاءِ وڄ پيدا ٿو ڪري؛ ۽ واءُ کي پنهنجي خزانن مان ٿو ڪڍي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 135:7
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

گھڻن ڏينهن کان پوءِ، خشڪ ساليءَ جي ٽئين سال، خداوند الياس کي چيو تہ ”وڃ، وڃي اخي‌اب بادشاهہ وٽ حاضر ٿيءُ. هاڻي آءٌ زمين تي مينهن وسائيندس.“


هو زمين تي مينهن وسائي ٿو، ۽ ٻنين کي ريج ڏئي ٿو.


جڏهن هن حڪم ڪيو تڏهن طوفان اچي لڳو، هائو، هن جي حڪم ڪرڻ سان ڇوليون مٿي چڙهي آيون.


اوهين بہ اي وڄ ۽ ڳڙؤ! ۽ اي برف ۽ ڪوهيڙؤ! اوهين بہ اي واچوڙؤ! جيڪي سندس حڪم تي عمل ٿا ڪريو.


هن آسمان مان تيز هوا موڪلي. هائو، پنهنجي قدرت سان ڏکڻ اوڀر کان هوا گھلايائين،


هن جي هڪل تي آسمان جي مٿان واري پاڻيءَ ۾ گجگوڙ ٿئي ٿي. ڌرتيءَ جي ڇيڙن کان هو بادل اٿاري آڻي ٿو، مينهن سان گڏ هو وڄ موڪلي ٿو، ۽ پنهنجي گدام مان آنڌي اماڻي ٿو.


ڇا غير قومن جا بيڪار بت مينهن وسائي ٿا سگھن؟ ڇا آسمان پنهنجو پاڻ وسڪارو ڪري ٿا سگھن؟ هرگز نہ، اي خداوند! اسان جا خدا! ائين رڳو تون ئي ڪري سگھين ٿو. تنهنڪري اسان جي اميد تو ۾ ئي آهي، ڇاڪاڻ تہ اهو سڀ ڪجھہ رڳو تنهنجي وس ۾ آهي.“


هن جي هڪل تي آسمان جي مٿان واري پاڻيءَ ۾ گجگوڙ ٿئي ٿي. هو ڌرتيءَ جي ڇيڙن کان ڪڪر اٿاري ٿو. هو مينهن سان گڏ کِنوڻ موڪلي ٿو، ۽ پنهنجي گدامن مان هوا اُماڻي ٿو.


پر خداوند سمنڊ تي وڏي زور سان هڪ واءُ موڪليو ۽ ايترو تہ طوفان آيو جو سامونڊي جهاز جي ڀڄي پوڻ جو امڪان هو.


بهار جي مند ۾ مينهن لاءِ خداوند کان ئي دعا گھرو تہ اهو مينهن وسائي. هائو، اهو جيڪو کِنوڻ جا چمڪاٽ ٿو ڪري، جيڪو هر ڪنهن کي جھجھو مينهن ٿو ڏئي، ۽ جيڪو هر ٻنيءَ مان گاهہ ٿو اڀاري، سو ئي اهو خداوند آهي.


جهڙيءَ طرح هوا کي جيڏانهن وڻي ٿو تيڏانهن گھُلي ٿي ۽ سندس آواز ٻڌڻ ۾ اچي ٿو، پر خبر نہ ٿي پوي تہ ڪٿان ٿي اچي ۽ ڪيڏانهن ٿي وڃي، تهڙيءَ طرح جيڪو پاڪ روح مان پيدا ٿيو آهي سو بہ ائين ئي آهي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ