Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 135:6 - Muslim Sindhi Bible

6 آسمان ۾ توڙي زمين تي، بلڪ سمنڊ جي اونهاين ۾ تري تائين، خداوند کي جيڪي وڻي ٿو سو ئي هو ڪري ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

6 جيڪي خداوند کي وڻيو سو سڀ هن آسمان، ۽ زمين، ۽ سمنڊ، ۽ اونهائين ۾ ڪيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 135:6
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

”اي خداوند! آءٌ ڄاڻان ٿو تہ تون سڀ ڪجھہ ڪري سگھين ٿو، تنهنجو ڪوبہ ارادو روڪجي نہ ٿو سگھي.


جڏهن تہ اسان جو خدا عرش عظيم تي آهي، ۽ هن کي جيڪي وڻي ٿو سو هو ڪري ٿو.


پر خداوند جون تجويزون هميشہ هميشہ تائين قائم رهنديون. سندس رٿيل تدبيرون سڀني پيڙهين تائين قائم رهنديون.


بيشڪ جيئن ئي هن فرمايو تيئن دنيا پيدا ٿي پيئي، هائو، هن جي حڪم ڏيڻ سان ڌرتي وجود ۾ اچي ويئي.


اهو آءٌ ئي آهيان جيڪو ڪنهن ڳالهہ جي شروعات ۾ ئي انهيءَ جي پڇاڙيءَ بابت آگاهہ ٿو ڪريان. جيڪي ڳالهيون اڃا ٿيون ئي ڪين آهن، تن بابت شروعات ۾ ئي مون ٻڌائي ڇڏيو آهي. آءٌ چوان ٿو تہ منهنجا منصوبا ناڪام نہ ويندا، بلڪ جيڪو آءٌ چاهيندس سو ضرور ٿيندو.


ماڻهو تو کي انساني معاشري مان هڪالي ڪڍندا ۽ تون جھنگلي جانورن سان وڃي رهندين. تون ڍڳن وانگر گاهہ چرندين ۽ ائين تو تي ست سال گذري ويندا، ايستائين جو تون قبول ڪرين تہ ماڻهن جي بادشاهت تي خدا تعاليٰ ئي حڪمراني ڪري ٿو. هو جنهن کي چاهي تنهن کي حاڪميت عطا ڪري ٿو.“


ڌرتيءَ جو هر ڪو باشندو هن جي آڏو ڪين جهڙو آهي، آسماني مخلوق هجي توڙي ڌرتيءَ وارا، تن سان هو جيئن چاهي تيئن ڪري ٿو. ڪوبہ ناهي جيڪو سندس هٿ روڪي سگھي، نڪي وري ڪو اهڙو آهي، جيڪو هن کان پڇي تہ ’تون هي ڇا ٿو ڪرين پيو؟‘


ياد رکو! جيڪو جبلن جو جوڙيندڙ ۽ واءُ کي گھلائيندڙ آهي، جيڪو انسانن کي پنهنجي ارادي کان خبردار ڪري ٿو، جيڪو صبح جي سوجھري کي رات جي اونداهيءَ ۾ ٿو ڦيرائي، جنهن جي پيرن هيٺان سڄي ڌرتي آهي، انهيءَ جو ئي نالو خداوند قادرِمطلق خدا آهي.“


اهو ئي آهي جنهن جو محلات عرش عظيم ۾ آهي. هن ئي ڌرتيءَ جي مٿان آسمان کي گنبذ بڻايو آهي. هو ئي سمنڊ جي پاڻيءَ کي سڏي روءِزمين تي اُٽلائي ٿو. انهيءَ جو نالو خداوند ئي آهي.


رات جي پوئين پهر ۾ عيسيٰ پاڻيءَ تي پنڌ ڪندو انهن وٽ آيو.


عيسيٰ شاگردن جي ويجھو اچي کين چوڻ لڳو تہ ”مون کي زمين ۽ آسمان تي پورو اختيار ڏنو ويو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ