Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 135:4 - Muslim Sindhi Bible

4 بيشڪ خداوند بني يعقوب کي پنهنجي واسطي، هائو، بني اسرائيل کي پنهنجي خاص ملڪيت ٿيڻ لاءِ چونڊي ورتو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

4 ڇالاءِ جو خداوند يعقوب کي پنهنجي واسطي، ۽ اسرائيل کي پنهنجي خاص ملڪيت ٿيڻ لاءِ چونڊيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 135:4
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

بيشڪ اها قوم سڀاڳي آهي، جنهن جو معبود رڳو خداوند آهي. هن انهيءَ قوم کي پنهنجي ملڪيت ٿيڻ لاءِ چونڊيو آهي.


پر اي منهنجا ٻانها بني اسرائيل وارؤ! هائو، اي منهنجا چونڊيل بني يعقوب وارؤ! اوهين منهنجي دوست ابراهيم جي نسل مان آهيو.


يعقوب جو خدا، جنهن جو نالو قادرِمطلق خداوند آهي سو انهن جهڙو ناهي، ڇاڪاڻ تہ هو هر شيءِ جو خالق آهي ۽ بني اسرائيل قوم کي هن پنهنجي ملڪيت ٿيڻ لاءِ چونڊيو آهي.


قادرِمطلق خداوند ٿو فرمائي تہ ”منهنجي مقرر ڪيل ڏينهن تي اهي منهنجي قوم، بلڪ منهنجي خاص ملڪيت ٿيندا ۽ آءٌ مٿن اهڙو مهربان ٿيندس جهڙو پيءُ پنهنجي خدمتگار پٽ تي ٿيندو آهي.


تڏهن بہ خداوند اوهان جي ابن ڏاڏن کي پيارو ڄاتو ۽ ساڻن محبت ڪئي. انهن کان پوءِ سندن اولاد يعني اوهان کي ٻين سڀني قومن منجھان چونڊي ڪڍيائين، جيئن اڄوڪي ڏينهن ظاهر آهي.


اڄوڪي ڏينهن خداوند بہ پنهنجي واعدي موجب اوهان سان اعلانيہ اقرار ڪيو آهي تہ اوهين هن جي خاص قوم ۽ قيمتي اثاثو آهيو، انهيءَ لاءِ تہ اوهين هن جي سڀني حڪمن تي عمل ڪندا رهو.


جڏهن تہ خداوند جو حصو سندس قوم ئي آهي، هائو، بني يعقوب ئي سندس ورثي جو ڀاڱو آهي.


هن اسان جي خاطر پنهنجي جان ڏيئي ڇڏي، انهيءَ لاءِ تہ ان جي عيوض اسان کي هر طرح جي بڇڙائيءَ کان ڇڏائي ۽ پاڪ ڪري پنهنجي لاءِ هڪ اهڙي خاص قوم بڻائي، جيڪا نيڪ ڪم ڪرڻ ۾ سرگرم هجي.


پر اوهين هڪڙو چونڊيل نسل، الاهي ڪاهنن جي جماعت، مخصوص قوم ۽ خدا جا اهڙا چونڊيل ماڻهو آهيو، جيڪي سندس خاص ملڪيت آهن. اوهين انهيءَ لاءِ چونڊيا ويا آهيو تہ خدا جي خوبين جو اظهار ڪريو، جنهن اوهان کي اونداهيءَ مان پنهنجي عجيب روشنيءَ ڏانهن سڏيو آهي.


خداوند پنهنجي عظيم نالي جي سببان، پنهنجيءَ قوم کي ڇڏي ڪين ڏيندو، ڇاڪاڻ تہ خداوند پنهنجي مرضيءَ موجب اوهان کي پنهنجي قوم بڻايو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ