2 هائو، اوهين جيڪي خداوند جي گھر جي اندر، اسان جي خدا جي بارگاهہ منجھہ حاضر رهو ٿا.
2 اوهين جي خداوند جي گهر ۾ ٿا بيهو، بلڪ اسان جي خدا جي گهر جي اڱڻ ۾ ٿا بيهو،
روز صبح ۽ شام جو خداوند جو شڪر ۽ تعريف ڪرڻ
هيڪل ۾ پنهنجي قوم جي گھراڻن جي خدمت لاءِ پاڻ کي مختلف ٽولن ۾ ورهايو،
پوءِ لاوين مان يشوع، قدميايل، باني، حسبنياہ، سريبياہ، هودياہ، سبنياہ ۽ فتحياہ چيو تہ ”اُٿي بيهو ۽ خدواند پنهنجي ابدي خدا جي واکاڻ ڪريو.“ تڏهن بني اسرائيل هيءَ دعا گھري تہ ”اي خداوند! شل تنهنجو عظمت وارو نالو سڳورو هجي، جيڪو هر تعريف ۽ واکاڻ کان اعليٰ آهي.
هائو، اهي آءٌ تنهنجي گھر جي بارگاهن ۾، تنهنجي شهر يروشلم منجھہ ئي پوريون ڪندس. خداوند جي واکاڻ ڪريو.
اي خداوند جا بندؤ! اوهين سڀ اچي خداوند جي واکاڻ ڪريو، هائو، اوهين جيڪي رات جي وقت خداوند جي گھر ۾ حاضر ٿا رهو.
اهي خداوند جي گھر ۾ لڳل وڻن جيان آهن، جيڪي اسان جي خدا جي حضور ۾ سدائين ساوا رهندا.
اوهين خداوند جي نالي جي لائق سندس عظمت واکاڻيو. اوهين هيڪل ۾ اچي سندس حضور ۾ نذرانا پيش ڪريو.