18 هاڻ جيڪي انهن کي جوڙين ٿا يا مٿن ڀروسو ٿا رکن، سي سڀيئي بہ انهن جهڙا ئي ٿي پوندا.
18 جيڪي انهن کي جوڙين ٿا، ۽ جيڪي مٿن ڀروسو ٿا رکن، سي سڀ انهن جهڙا ٿيندا.
جيڪي انهن کي ٺاهين ٿا يا مٿن ڀروسو ٿا ڪن، سي اهڙا ئي لاچار وَ مجبور آهن، جهڙا سندن اهي بت بيڪار آهن.
تڏهن جيڪي هٿرادو ٺاهيل مورتين جي پوڄا ڪن ٿا، ۽ انهن بتن تي فخر ٿا ڪن سي سڀ خوار خراب ٿين ٿا، جڏهن تہ سڀيئي معبود خداوند آڏو جھڪي سجدو ڪن ٿا.
پر جيڪي تراشيل مورتين تي ڀروسو ٿا رکن، ۽ انهن بتن کي پنهنجو خدا ٿا سڏين، سي ڏاڍا خوار خراب ۽ بيعزت ٿيندا.“
جڏهن تہ هي سڀ بيعقل ۽ بيوقوف آهن، هي ڪاٺ جي بتن مان ڪهڙي تعليم ٿا پرائي سگھن!
اهي ايمان نہ ٿا آڻين، ڇاڪاڻ تہ شيطان جنهن کي هو هن دنيا جو معبود ڪري مڃين ٿا، تنهن سندن عقل کي انڌو ڪري ڇڏيو آهي. هو چاهي ٿو تہ مسيح جيڪو خدا جي صورت آهي، تنهن جي عظمت جي باري ۾ خوشخبريءَ جي روشني هو ڏسي نہ سگھن.