17 انهن کي ڪن بہ آهن پر اهي ٻڌي نہ ٿا سگھن. توڙي جو کين وات آهي، تڏهن بہ اهي ساهہ کڻي نہ ٿا سگھن.
17 انهن کي ڪن آهن پر ٻڌن نٿا؛ ۽ نڪي وات سان ساهہ ٿا کڻن.
هن جي هڪل تي آسمان جي مٿان واري پاڻيءَ ۾ گجگوڙ ٿئي ٿي. ڌرتيءَ جي ڇيڙن کان هو بادل اٿاري آڻي ٿو، مينهن سان گڏ هو وڄ موڪلي ٿو، ۽ پنهنجي گدام مان آنڌي اماڻي ٿو.
اهو ڏسندي هر بتپرست ماڻهو بيسمجھہ ۽ اڻڄاڻ ثابت ٿئي ٿو. هر سونارو پنهنجي اُڪريل مورت جي ڪري نااميد ٿئي ٿو، ڇو تہ سندس اُڪريل مورتيون دوکو آهن، جن ۾ ساهہ ئي ڪونهي.
پر اڃا تائين هو گناهن مٿان گناهہ ڪندا آيا، ۽ پوڄا لاءِ چانديءَ جون ٺهيل مورتيون ۽ پلٽيل بت ٺاهيائون. هو پنهنجي سوچ مطابق پنهنجي هٿن سان بت جوڙيندا رهيا، پوءِ هو انهن بتن بابت چوڻ لڳا تہ ”سندن آڏو قربانيون پيش ڪيون وڃن.“ ڇا اها چڱي ڳالهہ آهي، جو انسان گابن جي ٺهيل بتن کي معبود بڻائي چمي ڏئي؟
سو ويل آهي اوهان لاءِ! جيڪي ڪاٺيءَ کي چئو ٿا تہ ”جاڳ!“ يا وري بيجان پٿر کي ٿا چئو تہ ”اُٿ!“ انهن مان اوهان کي ڇا حاصل ٿيندو؟ ان بت تي سون ۽ چاندي تہ چاڙهي ويئي آهي پر منجھس ساهہ تہ آهي ئي ڪونہ.