Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 134:2 - Muslim Sindhi Bible

2 اوهين پنهنجا هٿ مقدس جاءِ ڏانهن کڻو، ۽ خداوند جي واکاڻ ڪريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 اوهين پاڪ مڪان ڏانهن پنهنجا هٿ کڻو، ۽ خداوند کي مبارڪ چئو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 134:2
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن عزرا خداوند عظيم خدا جي واکاڻ ڪئي، تڏهن سڀني ماڻهن پنهنجا هٿ مٿي کڻي چيو تہ ”آمين! آمين!“ پوءِ هنن منهن ڀر زمين تي ڪري خداوند کي سجدو ڪيو.


شال منهنجو هٿ بلند ڪري دعا گھرڻ ائين قبول پوي، جيئن لوبان ساڙڻ يا شام جي پيش ڪيل قرباني تو وٽ قبول پوي ٿي.


اي خداوند! آءٌ تنهنجي هيڪل ۾ پنهنجي بي‌ڏوهي هجڻ جي ثابتي ڏيڻ لاءِ پنهنجا هٿ ڌوئي تنهنجي قربان‌گاهہ جو طواف ٿو ڪريان.


آءٌ تنهنجي مقدس هيڪل ڏانهن هٿ کڻي تو کي پڪاريان ٿو، منهنجي منٿ ٻڌي تون منهنجي مدد ڪر.


ڪاش! آءٌ مقدس خيمي ۾ اچي تو لاءِ واجھايان، تان‌تہ آءٌ تنهنجي قدرت ۽ تنهنجو جلوو ڏسان.


جيستائين آءٌ جيئرو رهندس، تو کي سڳورو چوندو رهندس. تنهنجو نالو وٺي دعا لاءِ پنهنجا هٿڙا پيو کڻندس.


آءٌ مُرڪندڙ چپن سان تنهنجي واکاڻ پيو ڪندس، ائين آءٌ ڄڻ سڻڀا سڻڀا طعام کائي ڍءُ ڪندس.


اُٿ سجاڳ ٿيءُ، سڄي رات جاڳي پروردگار کي مدد لاءِ ٻاڏائيندو رهہ. هائو، رب آڏو پنهنجيءَ دل جا سڀيئي سور کولي بيان ڪر. جيڪي باقي بچي ويل تو اندر موجود آهن، تن جي حياتي بچائڻ لاءِ خداوند کان رحم جي دعا گھر. سندن ٻار شهر جي هر گھٽيءَ ۾ بک وگھي پيا مرن.


اچو تہ اسين پنهنجي دل جي گھراين سان خدا جي حضور ۾ دعا لاءِ آسمان ڏانهن هٿ کڻي چئون تہ


منهنجي مرضي آهي تہ مرد گڏجي هر عبادت ۾ ڪاوڙ ۽ تڪرار کان سواءِ پاڪ هٿن سان دعا گھرن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ