هاڻ اي خداوند خدا! تون پنهنجي قدرت واري نشان يعني عهد واري صندوق سميت، پنهنجي آرامگاهہ ۾ هلي اچ. اي خداوند خدا! شل تنهنجا ڪاهن سچائيءَ جي برڪت سان ڀرپور رهن. شل تنهنجا نيڪ بندا تنهنجي ڀلائيءَ جي ڪري خوشيون ملهائين.
اي خداوند! تون ئي بادشاهہ آهين، تو کي حشمت ۽ قدرت جو لبادو پهريل آهي. هن جهان کي تو اهڙو مضبوطيءَ سان قائم ڪيو آهي، جو ان کي ڪو لوڏو بہ اچي نہ ٿو سگھي.
خداوند جي ڪيل ڪمن سبب آءٌ بيحد خوش ٿيندس، ۽ منهنجي جان پنهنجي خدا کان راضي رهندي. انهيءَ سبب جو جيئن گھوٽ کي تاج سان سينگاريو وڃي، يا جيئن ڪنهن ڪنوار جو زيورن سان سينگار ڪيو وڃي، تيئن هن اسان کي بچاءُ ڄڻ پوشاڪ وانگر پهرائي ڇڏيو آهي، ۽ حق سچ ڄڻ اسان کي هڪ جبي وانگر ڍڪايو اٿس.