2 اي خداوند! هن ڪيئن نہ تو سان قسم کنيو هو، هائو، تو يعني يعقوب جي قادر آڏو هي باسون باسيون هئائين تہ
2 تہ ڪيئن هن خداوند جو قسم کنيو، ۽ يعقوب جي قادر لاءِ مڃتا مڃيائين:
پر ڏس، انهن دشمنن تي هنن جا تيرڪمان غالب ايندا، ڇوجو مون يعقوب جي قادر هٿان کين طاقت عطا ٿيندي. هائو، کين انهيءَ ريڍار کان قوت ملندي، جيڪو بني اسرائيل جو محافظ آهي.
هاڻي جڏهن دائود بادشاهہ پنهنجي محل ۾ ئي ٿي رهيو ۽ خداوند سندس سڀني آسپاس وارن دشمنن کان کيس آرام ڏنو،
تڏهن بادشاهہ ناتن نبيءَ کي چيو تہ ”ڏس، آءٌ ديال جي ڪاٺين مان جُڙيل محل ۾ رهان ٿو، پر خدا جي عهد واري صندوق تنبوءَ هيٺ رهي ٿي.“
دائود بادشاهہ انهن جي اڳيان اُٿي بيٺو ۽ کين چيائين تہ ”اي منهنجا ڀائرؤ! اي منهنجي قوم! منهنجي ڳالهہ ٻڌو. منهنجي دل ۾ هو تہ خداوند جي عهد واري صندوق لاءِ آرامگاهہ ۽ پنهنجي خدا جي لاءِ پيرن جي صندلي ٺاهيان ۽ مون انهيءَ جي ٺاهڻ جي تياري بہ ڪئي هئي.
مون جيڪو قسم کنيو آهي تنهن تي قائم آهيان، تہ آءٌ تنهنجي سچن قاعدن قانونن تي عمل ڪندو رهندس.
جيستائين تو خداوند لاءِ ڪا جاءِ حاصل نہ ڪريان، هائو، جيستائين تو يعني يعقوب جي قادر لاءِ گھر نہ اڏيان.“
قادرِمطلق خداوند اسان سان گڏ آهي. اهو ئي يعقوب جو خدا اسان جي پناهہ آهي.
خداوند، قادرِمطلق خدا، سڄيءَ دنيا وارن کي سڏايو آهي. هائو، هن اوڀر کان اولهہ تائين سڄيءَ دنيا کي گھرايو آهي.
اي خدا! جيڪي باسون مون تو وٽ باسيون هيون، سي آءٌ تنهنجي حضور ۾ شڪرگذاريءَ جي قربانين طور پيش ڪندس.
اي خدا! صيئون ۾ تنهنجي واکاڻ ڪرڻ لازمي آهي، ۽ اهو بہ تہ تو وٽ باسيل باسون پوريون ڪيون وڃن.
جيڪي تو تي ظلم ٿا ڪن، تن کي آءٌ سندن ئي ماس کارائيندس. هائو، اهي مٺي مئي وانگر پنهنجو ئي رت پي مست ٿيندا. تڏهن هر بشر ڄاڻي وٺندو تہ آءٌ خداوند، بني اسرائيل جو قادر خدا، تنهنجو نجات ڏيندڙ ۽ تنهنجو بچائيندڙ آهيان.“
قومون ۽ بادشاهہ تنهنجي ائين سار سنڀال لهندا، جيئن ماءُ پنهنجي ٻار جي سار سنڀال لهندي آهي. پوءِ تون ڄاڻي وٺندينءَ تہ آءٌ خداوند ئي تنهنجو بچائيندڙ آهيان، هائو، بني اسرائيل جو اهو قادر خدا جنهن تو کي ڇڏايو آهي.