اي بسن جا اوچا پهاڙؤ! اوهين صيئون جبل کي ڇو ٽيڏيءَ اک سان ڏسو ٿا، جنهن کي خدا پنهنجي رهڻ جي لاءِ پسند ڪيو آهي؟ هائو، جنهن تي خداوند هميشہ هميشہ تائين رهندو.
ڏسو، اوهين سينا جبل وٽ اچڻ وارن جيان نہ، پر صيئون جبل تي زندہ خدا جي شهر وارن جيان خدا جي حضور ۾ آيا آهيو. اتي آسماني يروشلم وٽ جشن ملهائيندڙ بيشمار ملائڪن جي محفل آهي.