زبور 132:12 - Muslim Sindhi Bible12 پوءِ جيڪڏهن تنهنجو اولاد منهنجي عهد کي قائم رکندو، ۽ جيڪا شريعت آءٌ کين سيکاريندس تنهن تي عمل ڪندا رهندا، تہ پيڙهي بہ پيڙهي اهي تنهنجي تخت تي ويهندا رهندا.“ အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible12 جيڪڏهن تنهنجا ٻار منهنجي عهد کي مڃيندا، ۽ جيڪا شاهدي آءٌ کين سيکاريندس تنهن تي هلندا، تہ پوءِ انهن جا پٽ بہ هميشہ تائين تنهنجي تخت تي ويهندا. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
هاڻي اي خداوند، بني اسرائيل جا خدا! تو پنهنجي ٻانهي منهنجي پيءُ دائود سان جيڪو ٻيو واعدو ڪيو هو سو بہ پورو ڪر، جو چيو هوءِ تہ ’تنهنجي واسطي منهنجي حضور ۾ بني اسرائيل جي تخت تي ويهڻ لاءِ هرگز تنهنجي اولاد مان ماڻهوءَ جي ڪمي نہ ٿيندي بشرطيڪ هو سڌيءَ راهہ تي هلندي منهنجي اهڙي ئي فرمانبرداري ڪري جهڙي تون ڪندو رهيو آهين.‘