زبور 132:11 - Muslim Sindhi Bible11 انهيءَ سبب جو تو سچائيءَ سان دائود سان قسم کنيو هو، جنهن کان تون ڪڏهن نہ ڦرندين تہ ”تو کان پوءِ تنهنجي اولاد مان ئي هڪ کي تخت عطا ڪندس. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible11 خداوند دائود سان سچائيءَ ۾ قسم کنيو آهي؛ هو انهي کان ڪين ڦرندو: تہ آءٌ تنهنجي اولاد مان هڪڙي کي تنهنجي تخت تي ويهاريندس. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
هاڻي اي خداوند، بني اسرائيل جا خدا! تو پنهنجي ٻانهي منهنجي پيءُ دائود سان جيڪو ٻيو واعدو ڪيو هو سو بہ پورو ڪر، جو چيو هوءِ تہ ’تنهنجي واسطي منهنجي حضور ۾ بني اسرائيل جي تخت تي ويهڻ لاءِ هرگز تنهنجي اولاد مان ماڻهوءَ جي ڪمي نہ ٿيندي بشرطيڪ هو سڌيءَ راهہ تي هلندي منهنجي اهڙي ئي فرمانبرداري ڪري جهڙي تون ڪندو رهيو آهين.‘
تنهنڪري هاڻ اي خداوند، بني اسرائيل جا خدا! جيڪو ٻيو واعدو تون منهنجي پيءُ پنهنجي ٻانهي دائود سان ڪيو آهي سو بہ پورو ڪر. تو کيس چيو هو تہ ’بني اسرائيل جي تخت تي ويهڻ لاءِ منهنجي حضور ۾ تنهنجي اولاد مان ماڻهوءَ جي ڪمي ڪانہ ٿيندي، بشرطيڪ هو منهنجي شريعت تي عمل ڪندي سڌيءَ راهہ تي هلي جهڙيءَ طرح تون ڪندو رهيو آهين.‘