3 اي بني اسرائيل! تون پنهنجي توڪل خداوند تي رک، هائو، تون هاڻي کان هميشہ تائين مٿس توڪل رک.
3 اي اسرائيل هن وقت کان وٺي هميشہ تائين خداوند ۾ اميد رک.
باقي اسين ئي جيڪي جيئرا آهيون، سي هاڻي ۽ هميشہ هميشہ تائين پڻ خداوند کي سڳورو چوندا رهنداسين. خداوند جي واکاڻ ڪريو.
خداوند هر ڪم ۾ ۽ هر هنڌ تنهنجي حفاظت ڪندو. هائو، هو هينئر کان هميشہ هميشہ تائين تنهنجي حفاظت ڪندو.“
اي بني اسرائيل وارؤ! پنهنجو ڀروسو خداوند تي رکو، ڇوجو هن وٽ دائمي ٻاجھہ ۽ جھجھو ڇوٽڪارو آهي.
سڀاڳا آهن اهي ماڻهو، جن جو مددگار يعقوب جو خدا آهي، ۽ جن کي خداوند پنهنجي خدا تي ئي اميد آسرو آهي.
تنهنڪري هميشہ خداوند خدا تي ئي توڪل رکو، ڇاڪاڻ تہ هو ئي ابد تائين اسان جو طاقتور محافظ آهي.