Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 13:5 - Muslim Sindhi Bible

5 مون تہ تنهنجي لافاني شفقت تي توڪل ڪئي آهي. جيڪڏهن تون مون کي ڇڏائي وٺندين تہ منهنجي دل خوش ٿيندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

5 پر مون تنهنجي رحم تي ڀروسو رکيو آهي: منهنجي دل تنهنجيءَ نجات ۾ سرهي ٿيندي:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 13:5
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي خداوند! آءٌ ڇڏائجڻ جو انتظار ڪندي ڪندي بيحد ماندو ٿي پيو آهيان، تنهن هوندي بہ منهنجي اميد تنهنجي واعدي تي آهي.


بلڪ خداوند انهن کان ئي خوش ٿئي ٿو جيڪي کانئس ڊڄن ٿا، هائو، انهن کان جيڪي سندس دائمي رحمت ۾ اميد رکن ٿا.


اي منهنجا خدا! آءٌ تو تي ئي ڀروسو رکان ٿو. اي خدا! مون کي ڪڏهن بہ شرمندو ٿيڻ نہ ڏجانءِ، ائين نہ ٿئي جو منهنجا دشمن اچي مون تي کل چرچو ڪن.


اي سچارؤ! ڏسو، بدڪار ماڻهن جي سر تي گھڻيون ئي مصيبتون اينديون آهن، پر جن جو ڀروسو خداوند تي آهي، تن کي چوڌاري رحمتون گھيرو ڪيو ٿيون رهن.


ڏسو، خداوند جي نظر انهن تي آهي، جيڪي کيس تعظيم ڏين ٿا. بيشڪ جيڪي هن جي رحمت تي اميد رکن ٿا، تن تي ئي سندس نظر آهي.


اي خدا! تنهنجي دائمي شفقت ڪيڏي نہ بيش‌بها آهي! بني آدم تنهنجي پرن جي پاڇي هيٺ پناهہ وٺن ٿا.


انهيءَ سبب جو آءٌ بلڪل ئي ڪرڻ تي آهيان. منهنجو درد هر وقت منهنجي اڳيان آهي.


تون مون کي پنهنجي نجات واري خوشي وري عطا ڪر، ۽ راضپي وارو روح عطا ڪر تہ پوريءَ طرح فرمانبردار رهان.


پر آءٌ خدا جي گھر ۾ زيتون جي سرسبز وڻ وانگر آهيان. منهنجو ڀروسو هميشہ تائين خدا جي دائمي شفقت تي آهي.


تان‌تہ تنهنجي ڇڏائڻ سبب آءٌ ڏاڍو سرهو ٿيان، ۽ سڄي يروشلم شهر اندر تنهنجي تعريف ڪريان.


بيشڪ اي خداوند! تو ئي مون کي بچايو آهي. منهنجي توڪل تو تي ئي آهي، سو مون کي ڪو ڊپ ڪونهي. اي خداوند! تون ئي تہ منهنجي طاقت ۽ منهنجو راڳ آهين. هائو، تون ئي منهنجو بچائيندڙ آهين.“


تنهن هوندي بہ آءٌ خداوند کي ياد ڪري خوش ٿيندس، آءٌ پنهنجي بچائڻ واري خدا جي ڪري سرهو رهندس.


هائو، آءٌ پنهنجي خدا کان خوش آهيان، جيڪو هر ڳالهہ ۾ منهنجو بچائيندڙ آهي.


پوءِ ريڍارن جيڪي ٻڌو ۽ ڏٺو تنهن تي خدا جي حمد وَ ثنا ڪندي موٽي ويا، ڇاڪاڻ تہ هنن اهو سڀ ائين ئي ڏٺو هو جيئن ملائڪ کين ٻڌايو هو.


حنہ دعا گھرندي چيو تہ ”خداوند منهنجيءَ دل کي خوشيءَ سان ڀرپور ڪيو آهي، خداوند منهنجي طاقت کي زور وٺايو آهي. آءٌ پنهنجي دشمنن مٿان خوشيءَ وچان کلان ٿي پئي، ڇوجو مون کي ڇڏائڻ سان هن منهنجو من سرهو ڪيو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ