Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 13:2 - Muslim Sindhi Bible

2 ڪيستائين آءٌ پنهنجيءَ دل ۾ غم کائيندو وتندس؟ ڪيستائين آءٌ رات ڏينهن روح ۾ رنجيدو رهندس؟ آخر ڪيستائين منهنجو دشمن مون تي سوڀارو رهندو؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 ڪيستائين آءٌ سڄو ڏينهن پنهنجي دل ۾ غمگين ٿي، پنهنجي جيءَ ۾ خيال ڪندو رهندس؟ ڪيستائين منهنجو دشمن مون تي سربلند رهندو؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 13:2
44 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن بادشاهہ مون کان پڇيو تہ ”تنهنجو منهن ايترو لٿل ڇو آهي، جڏهن تہ تون بيمار بہ نہ آهين؟ اهو دل جي ڏک کان سواءِ ٻيو ڪجھہ بہ نہ آهي.“ تڏهن آءٌ ڊڄي ويس.


آستر وراڻيو تہ ”اُهو دشمن ۽ ويري هي بڇڙو هامان آهي.“ تڏهن هامان شهنشاهہ ۽ راڻيءَ جي اڳيان ڏاڍو دهلجي ويو.


پوءِ جيڪڏهن آءٌ قصوروار نڪران تہ مون تي مصيبت نازل ڪرين، پر جي آءٌ سچو نڪران، تہ بہ مون کي پنهنجو منهن مٿي کڻڻ جهڙو نہ ڇڏين. سو هينئر منهنجو حال اهو ئي آهي، جو آءٌ شرمندگيءَ ۾ ٻڏل آهيان ۽ مصيبتون پيو سهان.


مظلومن ۽ يتيمن جون دانهون ٻڌي، تون سندن اهڙو انصاف ڪندين، جو مٽيءَ مان ٺهيل ڪو انسان وري ڪنهن تي ظلم نہ ڪري.


مون کي موت جي رسين ويڙهي ڇڏيو هو، ۽ قبر جي هيبت اچي ورتو هئم. هائو، آءٌ ڏک ۾ گرفتار ٿي ويو هئس، ۽ دهشتن مون کي گھيري ڇڏيو هو.


مون کي انهن شريرن کان بچاءِ، جيڪي مون تي ظلم ٿا ڪن. هائو، انهن جاني دشمنن کان منهنجي حفاظت ڪر، جيڪي مون کي چوڌاري وڪوڙي ويا آهن.


انهن سڀني ڪوڙن جا وات بند ڪري ڇڏ، جيڪي سچارن خلاف غرور ۽ نفرت وچان گستاخيءَ سان ڳالهائين ٿا.


انهيءَ سبب جو آءٌ بلڪل ئي ڪرڻ تي آهيان. منهنجو درد هر وقت منهنجي اڳيان آهي.


هاڻ جڏهن آءٌ ماضيءَ کي ياد ٿو ڪريان تہ منهنجي دل روئڻ لاءِ ڀرجي اچي ٿي. ڪيئن نہ انبوہ سان گڏ سندن اڳواڻي ڪندي آءٌ تو خدا جي گھر ايندو هئس، هائو، عيد ملهائيندڙ انبوہ سان گڏ خوشيون ڪندي ۽ واکاڻ ڳائيندي.


اي خداوند! مون تي مهر جي نظر ڪري منهنجي جان ڇڏاءِ. تون پنهنجي دائمي شفقت جي ڪري مون کي بچائي وٺ،


ائين نہ ٿئي جو اهي بگھڙ وانگر اچي مون کي پڪڙين ۽ ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏين، جتي مون کي بچائڻ وارو بہ نہ هجي.


اي خدا! تنهنجا دشمن ڪيستائين تو تي ٺٺوليون ڪندا رهندا؟ ڇا اهي هميشہ تنهنجي نالي جي بي‌حرمتي پيا ڪندا رهندا؟


اي خداوند! اها ڳالهہ نہ وسارج تہ دشمنن تو تي ٺٺوليون ڪيون آهن، هائو، انهيءَ نادان قوم تنهنجي نالي جي بي‌حرمتي ڪئي آهي.


تو ئي ننڍڙن ٻارن ۽ کير پياڪن جي واتان، پنهنجي دشمنن آڏو پنهنجي واکاڻ ڪرائي آهي، تان‌تہ تون پنهنجي دشمنن ۽ مخالفن کي ماٺ ڪرائين.


اسان جا سمورا دشمن ختم ٿي ويا آهن، تو کين هميشہ لاءِ فنا ڪري ڇڏيو آهي. سندن جن شهرن کي تو برباد ڪيو آهي، تن جو ذڪر بہ مٽجي ويو آهي.


دل جي خوشي چهري کي رونق بخشيو ڇڏي، مگر دل جي غمگيني انسان جو حليو ئي بگاڙيو ڇڏي.


ان کان علاوہ انسان پنهنجي پوري حياتيءَ ۾ موت ئي موت ڏسي ٿو ۽ کيس زندگيءَ ۾ گھڻيون ئي مصيبتون، ڏک ۽ جھيڙا سهڻا پون ٿا.


ڇو منهنجو ڏک سور ختم ئي نہ ٿو ٿئي هائو، منهنجي دل جو زخم سخت ۽ لاعلاج ڇو آهي؟ ڇا تون منهنجي لاءِ انهيءَ فريب ڏيندڙ نهر وانگر ٿيندين، جنهن وٽ آءٌ اڃ اجھائڻ لاءِ اچان، پر منجھس پاڻي ئي نہ ڏسان؟“


جيئن تہ تون چوين ٿو تہ ’مون سان ويل آهي. خداوند منهنجي درد کي وڌايو آهي. آءٌ دانهون ڪري ڪري ٿڪجي پيو آهيان ۽ آرام ڪونہ ٿو مليم،‘


منهنجو ڏک حد کان ٻاهر آهي، منهنجي دل اندر ۾ ماندي ٿي ٿئي!


دشمن هاڻي شهر تي حڪمران آهن، ۽ اهي امن وَ سلامتيءَ سان پيا گذارين. بيشڪ يروشلم جي گھڻن گناهن سبب، خداوند انهيءَ کي سزا ڏني آهي. شهر جي رهاڪن کي قيدي بڻائي جلاوطن ڪيو ويو آهي.


جيتوڻيڪ سندس دامن گناهن جي گندگيءَ سان ڀريل هو، تڏهن بہ هن کي پنهنجي انجام بابت ڪو فڪر ڪونہ هو. پر هاڻ اها وسندي نهايت هيبتناڪ نموني سان هيٺ ڪيرائي ويئي آهي. کيس دلاسي ڏيڻ وارو ڪوبہ ڪونهي، توڙي جو هوءَ دانهون ڪري چوي ٿي تہ ”اي خداوند! آءٌ مصيبت ۾ آهيان، منهنجي مدد ڪر، ڇاڪاڻ تہ دشمن مون تي غالب پئجي ويا آهن.“


پوءِ تو اسان کي هيتري وقت کان ڇو وساري ڇڏيو آهي؟ ڇو تو وڏي عرصي کان اسان کي ڇڏي ڏنو آهي؟


سو کين چيائين تہ ”آءٌ ايترو تہ غمگين ٿي پيو آهيان جو منهنجي دل ٽٽڻ تي آهي. اوهين هتي ترسو ۽ مون سان گڏ جاڳندا رهو.“


آءٌ اوهان سان روزانو هيڪل ۾ گڏ هوندو هئس، پر اوهان اتي تہ مون تي هٿ بہ نہ کنيو. پر هاڻي اوهان جو وقت آهي ڇو تہ هي اونداهيءَ جو راڄ آهي.“


ان جي بدران منهنجي هنن ڳالهين ٻڌائڻ جي ڪري اوهين ڏاڍا غمگين ٿي پيا آهيو.


مون کي ڏاڍو ڏک آهي ۽ منهنجي دل ۾ پنهنجي ڀائرن ڀينرن يعني پنهنجي قوم وارن لاءِ سدائين غم ۽ درد ٿو رهي تہ ڪاش! اهي ڇوٽڪارو حاصل ڪن. انهيءَ لاءِ آءٌ پاڻ انهن جي خاطر لعنتي بڻجي مسيح کان جدا ٿيڻ لاءِ بہ تيار آهيان.


هو ايتري قدر بيمار هو جو مرڻ تي هو. پر خدا مٿس رحم ڪيو، نہ رڳو هن تي پر مون تي بہ، جو مون کي ڏک پٺيان ڏک کان بچايائين.


تڏهن هو دائود کان اڃا بہ وڌيڪ ڊڄڻ لڳو ۽ هميشہ جي لاءِ دائود جو دشمن ٿي پيو.


ڀلا ڪنهن ماڻهوءَ کي پنهنجو دشمن هٿ اچي تہ ڇا اهو کيس سلامتيءَ سان وڃڻ ڏيندو؟ تنهنڪري شل خداوند تو کي انهيءَ چڱائيءَ جو چڱو بدلو ڏئي جيڪا تو اڄوڪي ڏينهن مون سان ڪئي آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ