3 ڄڻ تہ هر ڪاهڻ وارن منهنجي پٺيءَ تي پنهنجا هر ڪاهيا هئا، هائو، هر هلائي ڊگھيون ڊگھيون اوڙون ڪڍيون هئائون.
3 هارين منهنجي پٺيءَ تي هر کيڙيو؛ ۽ ڊگهيون اوڙون ڪيائون.
ڇا تون ڪنهن جھنگلي سانَهہ کي رسيءَ سان ٻڌي هر ۾ جوٽي ٿو سگھين؟ ڇا هو تنهنجي پٺيان هلندي، تنهنجي ٻنين کي سنوارڻ لاءِ ليٽڻ گھمائيندو؟
پوءِ هو چوندا تہ ”جيئن ڪو زمين کي هر ڏيئي ڀتر کيڙي ٿو، تيئن ئي اسان جا هڏا قبر جي منهن تي ٽڙيل پکڙيل آهن.“
بلڪ آءٌ تہ پنهنجي پٺي مار ڏيڻ وارن جي حوالي ٿو ڪريان، ۽ منهنجي ڏاڙهي پٽڻ وارن کي آءٌ ڪين ٿو روڪيان. آءٌ بيعزت ٿيڻ ۽ ٿڪون جھلڻ کان پنهنجو منهن نہ ٿو لڪايان.
بلڪ آءٌ اهو پيالو انهن جي هٿن ۾ ڏيندس، جيڪي اوهان کي ڏکوئين ٿا، ۽ جن اوهان جي پٺيءَ کي ڌرتي، بلڪ لنگھي وڃڻ وارن لاءِ سڙڪ بڻائي ڇڏيو آهي. هائو، اهو پيالو آءٌ انهن کي پيئاريندس، جيڪي اوهان کي چون ٿا تہ ’هيٺ جھڪو تہ اسين اوهان جي مٿان لنگھي وڃون.‘“