Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 128:6 - Muslim Sindhi Bible

6 شال تون وڏي ڄمار ماڻي پنهنجي ٻارن جا ٻار بہ ڏسين. شال بني اسرائيل ۾ سلامتي ۽ خوشحالي هجي!

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

6 هائو تون پنهنجي ٻارن جا ٻار ڏسندين. اسرائيل تي سلامتي هجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 128:6
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ يعقوب يوسف کي چيو تہ ”مون کي تہ تنهنجي بہ منهن ڏسڻ جي اميد ڪانہ هئي پر ڏس، خدا مون کي تنهنجو اولاد بہ ڏيکاريو.“


يوسف پنهنجي ننڍي پٽ افرائيم جا پٽ پوٽا بہ ڏٺا ۽ پنهنجي وڏي پٽ منسيءَ جي پٽ مڪير جا ٻار بہ سندس هنج ۾ پليا.


انهيءَ کان پوءِ ايوب هڪ سؤ چاليهن سالن تائين زندہ رهيو ۽ پنهنجا پٽ ڌيئرون ۽ انهن جو اولاد، بلڪ چار پيڙهيون ڏٺائين.


پر جيڪي پنهنجين ڏنگين واٽن ڏانهن ڦري وڃن ٿا، تن کي تون بدڪارن سان گڏ سزا ڏي! شال بني اسرائيل ۾ سلامتي ۽ خوشحالي هجي!


ابن ڏاڏن لاءِ سندن پوٽا ڏوهٽا فخر جو باعث آهن، ۽ اولاد جو فخر سندن والدين.


خداوند پنهنجي قوم کي فرمائي ٿو تہ ”ڏسو، آءٌ يروشلم ۾ هميشہ واري خوشحالي نديءَ وانگر وهائيندس، ۽ قومن جي دولت کي ٽمٽار نهر وانگر اوهان ڏانهن وهائيندس، جيڪا ڪڏهن بہ نہ سڪندي. اوهين ٻارن وانگر هوندا ۽ يروشلم جي وسندي ماءُ جيان اوهان کي ٿڃ پيئاريندي. اها اوهان کي ڄڻ پنهنجي چيلهہ تي کڻي هلندي، ۽ پنهنجي گوڏن تي پيار مان ڪُڏائيندي.


پنهنجي فرزند کي مون تي ظاهر ڪيو، تہ جيئن آءٌ غير قومن ۾ مسيح بابت خوشخبري ٻڌايان. ان وقت مون ڪنهن انسان کان صلاح نہ ورتي،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ