Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 128:2 - Muslim Sindhi Bible

2 تنهنجي هٿن جو پورهيو تو کي روزي مهيا ڪندو. تون سکيو رهندين ۽ هر دم تنهنجو ڀلو ٿيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 تون پنهنجي هٿن جي ڪمائي کائيندين؛ تون سکي رهندين، ۽ تنهنجو ڀلو ٿيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 128:2
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تو کي سخت پورهيو ڪري پنهنجي بدن جي پگھر جي ماني کائڻي پوندي، جيستائين تون موٽي مٽيءَ ۾ نہ وڃين، جنهن مان تون ٺهيو هئين. تون مٽي آهين ۽ وري بہ مٽيءَ ۾ موٽي ويندين.“


اهي انهيءَ وڻ مثل آهن جيڪو نهر جي ڪپ تي لڳل هجي، جيڪو پنهنجي وقت تي ميوو ڏئي ٿو، ۽ جنهن جو پن بہ نہ ٿو ڪومائجي. بيشڪ هو جيڪي بہ ڪن ٿا تنهن ۾ ڪامياب ٿيندا.


شال سندس سڄو مال ڪو قرض‌خواہ ضبط ڪري وٺي! شال سندس محنت جي ڪمائي ڌاريا ماڻهو لُٽي وڃن!


جيتوڻيڪ ڪو گنهگار کڻي ڏوهن مٿان ڏوهہ ڪندو رهي ۽ سندس عمر بہ وڏي ٿئي، تڏهن بہ آءٌ يقين سان چوان ٿو تہ ڀلو انهن جو ٿيندو جيڪي خدا کان ڊڄن ٿا ۽ سندس تعظيم ٿا ڪن.


جڏهن تہ سچار ماڻهو ڄاڻي ڇڏين تہ ساڻن ڀلائي ٿيندي، بيشڪ سندن چڱن ڪمن جو کين اجر ملندو.


خداوند پنهنجي زورآور هٿ جي قدرت جو قسم کڻي واعدو ڪيو آهي تہ ”اڳتي آءٌ اوهان جو اناج اوهان جي دشمنن کي کائڻ لاءِ نہ ڏيندس، نڪي اوهان جي مئي ڌارين کي پيئڻ ڏيندس، جنهن لاءِ اوهان محنت ڪئي آهي.


تنهنڪري آءٌ خداوند خدا اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ ڏسو، جيڪي منهنجي عبادت ۽ فرمانبرداري ڪندا، سي جھجھو کائيندا ۽ پيئندا، پر اي فسادي! اوهين بکيا ۽ اڃيا رهندا. هائو، منهنجا اهي ٻانها خوشيون ملهائيندا، پر اوهين خوار خراب ٿيندا.


اي يهويقيم! پنهنجي ديال واري محل جي ڪري تون پنهنجي پيءُ کان ڪو وڌيڪ بهتر بادشاهہ آهين ڇا؟ ڀلا تنهنجي پيءُ وٽ کاڌي پيتي جي ڪا ڪمي هئي ڇا؟ تنهن هوندي بہ هو هميشہ ڀلائيءَ وارا ڪم ڪندي غريبن سان ايمانداريءَ ۽ انصاف سان ٿي هليو.


تہ پوءِ اي منهنجا پيارا ڀائرو ۽ ڀينرون! مضبوط ۽ ثابت قدم رهو. خداوند عيسيٰ جي ڪم ۾ هميشہ وڌندا هلو، اهو ڄاڻيندي تہ سندس خدمت ۾ اوهان جو پورهيو اجايو نہ آهي.


”تہ جيئن اوهان جو ڀلو ٿئي ۽ ڌرتيءَ تي وڏي عرصي تائين جيئرا رهو.“


جيڪو ملڪ اوهان کي ڏيڻ لاءِ خداوند اوهان جي ابن ڏاڏن سان قسم کڻي واعدو ڪيو هو، تنهن ۾ هو اوهان جي اولاد، چوپائي مال ۽ ٻنيءَ جي پيداوار کي گھڻو وڌائي اوهان کي سکي ڪندو.


اوهين انگورن جا باغ لڳائيندا، پر نڪي انگور گڏ ڪندا ۽ نہ وري انهن جو رس پيئندا، ڇاڪاڻ تہ انهن کي ڪينئان کائي ويندا.


اوهان جي اولاد ۾، ٻنيءَ جي پيداوار ۾ ۽ چوپائي مال ۾ برڪت پوندي.


اها اوهان جو چوپايو مال ۽ زمين جي پيدائش ڳڙڪائيندي ويندي. هائو، اها اناج، تازي مئي، زيتون جي تيل يا ڍورن ڍڳن ۽ رڍن ٻڪرين جي ڦرن مان هڪڙو بہ اوهان جي لاءِ ڪين ڇڏيندي، ايتري قدر جو اوهين تباهہ وَ برباد ٿي ويندا.


خداوند جي حڪم سان اوهان جي گودامن ۾ ۽ جن بہ ڪمن ۾ اوهين هٿ وجھندا، تن سڀني ۾ برڪت پوندي. جيڪو ملڪ خداوند اوهان جو خدا اوهان کي ڏيڻ وارو آهي، تنهن ۾ هو اوهان کي برڪت عطا ڪندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ