4 اي خداوند! جيڪي نيڪ ۽ سچيءَ دل وارا آهن، تن سان تون ڀلائي ڪر.
4 اي خداوند جيڪي نيڪ ۽ سچيءَ دل وارا آهن، تن سان تون ئي ڀلائي ڪر.
بيشڪ تون ڪيڏو نہ ڀلو ۽ ٻاجھارو آهين! اي خداوند! تون مون کي پنهنجا قاعدا قانون سيکار.
شل منهنجي دل پوريءَ طرح تنهنجي قانونن کي مڃيندي رهي! تانتہ مون کي ڪڏهن بہ شرمندگي نہ ٿئي.
اهي انسان سڀاڳا آهن، جن جي بدڪاري خداوند ليکي ۾ نہ ٿو آڻي. بيشڪ اهي سڀاڳا آهن جن جي دل ۾ ڪا ئي ٺڳي ڪانهي.
جيڪي تو کي سڃاڻن ٿا تن کي تون پنهنجي شفقت ڏيکار. جيڪي دل جا سچار آهن تن سان پنهنجي وفا قائم رک.
اي خدا! پنهنجي ڪرم سان صيئون کي خوشحال ڪر، ۽ سندس ڪوٽ کي نئين سر تعمير ڪر.
بيشڪ خدا ئي منهنجو محافظ آهي. اهو ئي دل جي سچارن کي بچائي ٿو.
بيشڪ خدا بني اسرائيل تي مهربان آهي. جيڪي پاڪ دل آهن تن تي هو مهربان آهي.
انهيءَ سبب جو تون خداوند خدا ئي اسان جي رهنمائي ڪندڙ ۽ محافظ آهين. تون ئي اسان کي فضل ۽ عظمت بخشين ٿو. بيشڪ جيڪي سچائيءَ جي راهہ تي هلن ٿا، تن کان تون ڪابہ چڱي شيءِ نہ ٿو روڪين.
اي قادرِمطلق خداوند! ڪيڏو نہ سڀاڳو آهي اهو ماڻهو جنهن جو تو تي ڀروسو آهي!
بيشڪ بيانصافي ختم ٿيندي ۽ انصاف سچارن جي هٿ ايندو. پوءِ سڀيئي سچيءَ دل وارا انصاف جي پيروي ڪرڻ لڳندا.
جيڪي خداوند تي توڪل ٿا رکن ۽ سندس ئي طالبو آهن، تن سڀني تي هو ڏاڍو مهربان آهي.
جڏهن عيسيٰ نٿنايل کي پاڻ ڏانهن ايندي ڏٺو، تڏهن سندس بابت چيائين تہ ”ڏسو، هي بني اسرائيل جو سچو ماڻهو اٿوَ. هن ۾ ڪابہ ڏنگائي ڪانہ آهي.“
انهيءَ جو سبب هي آهي تہ خدا بيانصاف ناهي جو هو اوهان جي محنت ۽ انهيءَ پيار کي وساري ڇڏي، جيڪو اوهان سندس نالي واسطي اهڙيءَ طرح ظاهر ڪيو جو مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلن جي خدمت ڪئي، بلڪ اڃا تائين ڪندا ٿا رهو.
انهن جي واتان ڪڏهن بہ ڪوڙ نہ نڪتو. اهي بيعيب آهن.