Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 125:3 - Muslim Sindhi Bible

3 بدڪارن جي حڪومت سچارن جي ميراث واري ملڪ تي ڪڏهن بہ قائم رهي نہ سگھندي، انهيءَ لاءِ تہ متان سچار پنهنجا هٿ بڇڙائيءَ ڏانهن وڌائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

3 ڇو جو بدڪاريءَ جو عصو راستبازن جي ميراث تي رهي ڪين سگهندو؛ متان راستباز پنهنجا هٿ بڇڙائيءَ ڏانهن وڌائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 125:3
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هو ڄاڻي ٿو تہ اسين ڇا مان ٺهيل آهيون. هائو، کيس اهو ياد رهي ٿو تہ اسين رڳو خاڪ آهيون.


هو قوم کي سدائين ڇينڀيندو ڪين رهندو، نڪي وري هو پنهنجي غصي کي هميشہ لاءِ جاري رکندو.


منهنجو دوست جيڪو اڳ منهنجو ساٿي هو، تنهن ئي اسان رفيقن تي پنهنجو هٿ کنيو آهي. هن پنهنجي ڪيل عهد کي ٽوڙي ڇڏيو آهي.


سندس ڪوبہ دشمن کيس شڪست ڏيئي نہ سگھندو، ۽ نہ وري ڪو بڇڙو ماڻهو انهيءَ کي آزاري سگھندو.


جيڪو ظلم ٿو پوکي سو مصيبت لڻندو، ۽ سندس قهر واري لٺ ٽوڙي ويندي.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”ويل آهي اشور قوم لاءِ! جيڪا منهنجي لٺ مثل آهي، جنهن سان آءٌ انهن کي سزا ٿو ڏيان جن تي آءٌ ڪاوڙ ٿو ڪريان.


تنهن هوندي بہ خداوند پنهنجي قوم کي جلاوطنيءَ جي سزا بيشڪ ڏني. هائو، هن سخت آنڌيءَ جيان اوڀر جا لشڪر آڻي، کين پري ڌڪي ڪڍي ڇڏيو.


اوهان تي اهڙي ڪا آزمائش نہ پيئي آهي جيڪا انسان لاءِ عام نہ هجي. خدا سچو آهي، هو اوهان کي اهڙي آزمائش ۾ پوڻ ڪين ڏيندو جيڪا اوهان جي سهڻ جي طاقت کان ٻاهر هجي. هائو، جڏهن اوهين آزمائش ۾ پوندا تہ هو اوهان کي برداشت ڪرڻ جي طاقت سان گڏوگڏ انهيءَ مان بچي نڪرڻ جو رستو بہ ٺاهي ڏيندو.


جيڪي تڪليفون اوهان کي سهڻيون پون تن کان نہ ڊڄجو. ياد رکو تہ ابليس آزمائڻ لاءِ اوهان مان ڪن کي قيد ۾ وجھرائيندو ۽ ڏهن ڏينهن تائين اوهان کي ستايو ويندو. اوهين مرڻ گھڙيءَ تائين ايمان تي قائم رهو تہ آءٌ اوهان کي زندگيءَ جو تاج پارائيندس.


ڏسو، توهان پاڻ پنهنجين اکين سان ڏٺو آهي تہ خداوند توهان کي اڄ هن غار ۾ منهنجي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو هو. منهنجي ڪن ماڻهن ائين بہ چيو تہ توهان کي ماري ڇڏيان، پر مون توهان کي جيئدان ڏنو. مون چيو تہ ’آءٌ پنهنجي آقا تي هٿ نہ کڻندس، ڇاڪاڻ تہ هو خداوند جو مسح ڪرايل بادشاهہ آهي.‘


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ