Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 125:2 - Muslim Sindhi Bible

2 جيئن يروشلم کي چوڌاري جبل وڪوڙيل آهن، تيئن ئي هاڻي بلڪ هميشہ هميشہ لاءِ، خداوند چئني طرفن کان پنهنجي قوم جو محافظ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 جيئن يروشلم جي چوڌاري جبل آهن، تيئن خداوند پنهنجيءَ اُمت جي چوڌاري، هن وقت کان وٺي هميشہ تائين آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 125:2
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ اليشع دعا گھرندي چيو تہ ”اي خداوند! مهرباني ڪري هن جون اکيون کول تہ هي ڏسي.“ تڏهن خداوند انهيءَ خدمتگار جون اکيون کوليون ۽ هن ڇا ڏٺو تہ اليشع جي چوڌاري وارو ٽڪر سندس حفاظت لاءِ باهہ جي گھوڙن ۽ گاڏين سان ڀريو پيو آهي.


خداوند هر ڪم ۾ ۽ هر هنڌ تنهنجي حفاظت ڪندو. هائو، هو هينئر کان هميشہ هميشہ تائين تنهنجي حفاظت ڪندو.“


جيڪي خداوند جو خوف رکن ٿا، تن کي سندس ملائڪ هر خطري کان دور ٿو رکي. هو انهن جي چوڌاري پهرو ڏيئي سندن حفاظت ٿو ڪري.


تڏهن خداوند صيئون جبل جي هر جاءِ کي ۽ ان تي رهندڙ سندس قوم کي ڏينهن جي وقت ڪڪر ۽ رات جي وقت دونهين ۽ شعلي واري باهہ سان ڍڪيل رکندو. خدا جو جلوو پوري شهر تي ڇانيل رهندو ۽ انهيءَ جي حفاظت ڪندو.


غير قوم جي ڪنهن بہ بادشاهہ توڙي دنيا جي ڪنهن بہ رهاڪوءَ کي اهو يقين ئي نہ ٿي آيو، تہ ڪو حملو ڪندڙ دشمن يروشلم جا دروازا ڀڃي شهر اندر گھڙي سگھندو.


انهيءَ سبب جو خداوند ٿو فرمائي تہ ’آءٌ پاڻ انهيءَ جي حفاظت لاءِ ان جي چوڌاري باهہ جي ڀت وانگر ٿيندس ۽ آءٌ ئي منجھس رهي ان جو شان وَ شوڪت وڌائيندس.‘“


اُهو ازلي خدا ئي اسان جي جاءِ‌پناهہ آهي، سندس ٻانهون اسان جي لاءِ دائمي سهارو آهن. خدا اوهان کي فرمايو آهي تہ ’دشمنن کي برباد ڪري ڇڏيو.‘ سو هو اوهان جي دشمنن کي اوهان جي اڳيان لوڌي ڪڍندو،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ