Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 125:1 - Muslim Sindhi Bible

1 جن جو خداوند تي ڀروسو آهي سي صيئون جبل جيان آهن، جنهن کي ڪو لوڏو نہ ٿو اچي ۽ جيڪو هميشہ لاءِ قائم آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 جن جو ڀروسو خداوند تي آهي سي صيون جبل جهڙا آهن، جو هٽجي نٿو سگهي، پر هميشہ قائم آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 125:1
41 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جنگ ۾ خدا جي مدد ساڻن هئي، سو خدا سڀني هاجرين ۽ انهن جي اتحادين کي سندن هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو، ڇاڪاڻ تہ جنگ دوران هنن خدا کي ٻاڏايو. خدا سندن دعا ٻڌي، ڇاڪاڻ تہ هنن جو انهيءَ تي ڀروسو هو.


ٻئي ڏينهن هو صبح جو سوير اٿيا ۽ تقوع جي بيابان ڏانهن روانا ٿيا. سندن رواني ٿيڻ وقت يهوسفط اُٿي بيهي کين چيو تہ ”اي يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ جا رهاڪؤ! منهنجي ڳالهہ ٻڌو. جيڪڏهن اوهان جو ايمان خداوند پنهنجي خدا تي قائم رهي تہ اوهين بہ قائم رهندا. اوهين سندس نبين جي چوڻ تي يقين ڪندا تہ ڪامياب ٿيندا.“


مون مصيبت ۾ خداوند کي پڪاريو. هن منهنجي اها دانهن ٻڌي ورتي تہ


آءٌ پنهنجيون اکيون کڻي جبلن ڏانهن نهاريان ٿو، هائو، آءٌ واجھايان ٿو تہ منهنجي مدد الائي ڪٿان ايندي؟


ان وقت آءٌ خوش ٿيو هئس جڏهن مون کي چيو ويو هو تہ ”اچ تہ اسين خداوند جي گھر هلون.“


اي خداوند! تون جيڪو عرش عظيم تي تخت‌نشين آهين، هائو، آءٌ تو ڏانهن ئي پنهنجيون اکيون کنيو نهاريان ٿو.


بني اسرائيل وارا هيئن چون تہ ”جيڪڏهن اسان جو خداوند اسان جي پاسي نہ هجي ها،


بلڪ خداوند انهن کان ئي خوش ٿئي ٿو جيڪي کانئس ڊڄن ٿا، هائو، انهن کان جيڪي سندس دائمي رحمت ۾ اميد رکن ٿا.


اي منهنجا خدا! آءٌ تو تي ئي ڀروسو رکان ٿو. اي خدا! مون کي ڪڏهن بہ شرمندو ٿيڻ نہ ڏجانءِ، ائين نہ ٿئي جو منهنجا دشمن اچي مون تي کل چرچو ڪن.


بيشڪ اي خداوند! تون ڏاڍو ڀلو ۽ سچو آهين، تنهنڪري گمراهن کي سچائيءَ جي واٽ ڏيکارين ٿو.


خداوند منهنجي روشني ۽ منهنجو بچاءُ آهي. پوءِ ڇو آءٌ ڪنهن کان ڊڄان؟ خداوند منهنجي جاءِ‌پناهہ آهي. پوءِ ڇو آءٌ ڪنهن جو ڊپ رکان؟


خداوند پنهنجي ماڻهن جي جان بچائي ٿو وٺي. هائو، اهي ٻانها جيڪي سندس پناهہ ٿا وٺن، تن مان ڪوبہ ڏوهي قرار نہ ڏنو ويندو.


خدا انهيءَ شهر جي وچ ۾ آهي، سو ان کي ڪڏهن بہ لوڏو نہ ايندو. هو سوير پرهہ ڦٽڻ سان ئي ان جي اچي مدد ڪندو.


جڏهن خدا جو آواز گونجي ٿو، تڏهن قومن ۾ دهشت اچي پوي ٿي، بادشاهتن ۾ لوڏو اچي ٿو ۽ زمين ڳري وڃي ٿي.


رڳو اهو ئي منهنجو محافظ ۽ منهنجو بچاءُ آهي. اهو ئي منهنجو قلعو آهي، سو مون کي ڪڏهن بہ لوڏو ڪونہ ايندو.


اي دشمنؤ! اوهين ڪيستائين مون جهڙي ماڻهوءَ کي مارڻ لاءِ گڏجي حملو ڪندا رهندا؟ هائو، آءٌ جيڪو ڳريل ڀت وانگر جھڪيل رهان ٿو، ۽ لڏندڙ ڪنڌيءَ جيان ڪمزور آهيان.


رڳو اهو ئي منهنجو محافظ ۽ منهنجو بچاءُ آهي. اهو ئي منهنجو قلعو آهي، سو مون کي ڪڏهن بہ لوڏو ڪونہ ايندو.


بيشڪ منهنجو بچاءُ، ۽ منهنجو شان وَ شوڪت خدا جي طرفان ئي آهي. اهو ئي منهنجو مضبوط محافظ آهي، هائو، خدا ئي منهنجي جاءِ‌پناهہ آهي.


مصيبت جي وقت بدڪار ماڻهو ائين فنا ٿي ويندا، جيئن واچوڙو شين کي اڏائي گم ڪريو ڇڏي، مگر سچار ماڻهو پنهنجي جاءِ تي هميشہ قائم وَ دائم رهندا.


اي صيئون جبل جا رهاڪؤ! خوشيءَ منجھان نعرا هڻو ۽ واکاڻ ڳايو، ڇاڪاڻ تہ بني اسرائيل جو پاڪ معبود جيڪو عظيم آهي، سو اوهان منجھہ ٿو رهي.“


تڏهن فلستي ملڪ کان ايندڙ قاصدن کي اسين ڪهڙو جواب ڏيون؟ هنن لاءِ جواب هي آهي تہ خداوند ئي صيئون جبل کي کڙو ڪيو آهي، جنهن ۾ سندس قوم جا ڏکويل ماڻهو پناهہ وٺندا.


بيشڪ خداوند انهن کي پوري پوري سلامتي بخشي ٿو، جيڪي هر حال ۾ مٿس ئي توڪل رکندڙ آهن.


تنهنڪري هميشہ خداوند خدا تي ئي توڪل رکو، ڇاڪاڻ تہ هو ئي ابد تائين اسان جو طاقتور محافظ آهي.


هاڻي بہ جن کي تون ڇڏائيندين، سي خوشيءَ وچان ڳائيندا وڄائيندا، ۽ نعرا هڻندا يروشلم ۾ موٽي ايندا. اهي هميشہ هميشہ لاءِ خوش رهندا، ۽ خوشيون ۽ شادمانا پيا ملهائيندا. غم ۽ رنج سندن ويجھو بہ نہ ايندو.


مون آسمانن کي ڦهلائي سندن جاءِ تي قائم ڪيو آهي، ۽ زمين جا بنياد وڌا اٿم. آءٌ يروشلم وارن کي چوان ٿو تہ ’اوهين منهنجي قوم آهيو، مون ئي اوهان کي علم ڏيڻ سيکاريو آهي، ۽ پنهنجي هٿ هيٺ اوهان کي پناهہ ڏني اٿم.‘“


ڇاڪاڻ تہ اهي ائين ناس ٿي ويندا، جيئن تڏ ڪپڙي کي کائي چٽ ڪريو ڇڏي، جيئن ڪينئون اناج کي کائي ناس ڪندو آهي. پر منهنجو انصاف پيڙهي بہ پيڙهي قائم رهندو، ۽ آءٌ پنهنجي قوم کي هميشہ بچائيندو رهندس.“


جاڳ، اي صيئون! جاڳ، اُٿي کڙو ٿيءُ ۽ زور وٺ. هائو، اي يروشلم! اي پاڪ شهر! هاڻ شان وَ شوڪت کي پنهنجي پوشاڪ بڻاءِ، ڇاڪاڻ تہ اڄ کان پوءِ ڪوبہ غير قوم جو لشڪر، هائو، ڪوبہ ناپاڪ سپاهي ڪاهہ ڪري تو ۾ اندر نہ گھڙندو.


يروشلم وارا ماڻهو مختلف علائقا فتح ڪري صيئون جبل تان ادوم تي بہ حڪمراني ڪندا. تڏهن سڀني قومن تي مون خداوند جي ئي بادشاهت قائم ٿي ويندي.“


اهي قومون ائين چونديون اينديون تہ ”هلو تہ خداوند جي جبل ڏانهن هلون، يعني بني يعقوب جي خدا جي گھر ڏانهن. هو اسان کي پنهنجي واٽ تي هلڻ سيکاريندو، تان‌تہ اسين سندس انهيءَ ٻڌايل واٽ تي هلون، ڇاڪاڻ تہ صيئون تان ئي خداوند جي شريعت جاري ڪئي ويندي. هائو، انهيءَ تي اڏيل شهر يروشلم مان سندس فرمان ظاهر ٿيندو.“


پوءِ انهيءَ ملائڪ مون کي چيو تہ قادر‌مطلق خداوند جا اهي لفظ آءٌ اعلان ڪري ٻڌايان تہ ”مون خداوند کي يروشلم ۽ پنهنجي پاڪ جبل صيئون جي لاءِ تمام گھڻي غيرت آهي.


پوءِ انهيءَ ملائڪ مون کي قادرِمطلق خداوند جي هن پيغام جو پڻ اعلان ڪرڻ لاءِ چيو تہ ”تڏهن مون خداوند جا شهر وري خوشحاليءَ سان ٽمٽار ٿيندا ۽ آءٌ ٻيهر صيئون کي امن وَ سلامتي عطا ڪندس، ڇو تہ سڄي يروشلم کي آءٌ وري پنهنجو شهر ڪري قبول ڪندس.“


مسيح جي ئي وسيلي اوهين خدا تي ايمان رکو ٿا. هن کيس مئلن مان جيئرو ڪري عظمت بخشي، انهيءَ لاءِ تہ اوهان جو ايمان ۽ آسرو خدا تي ئي هجي.


پوءِ مون نهاريو تہ ڇا ڏسان تہ گھيٽڙو صيئون جبل تي بيٺو آهي! ساڻس گڏ هڪ لک چوئيتاليهہ هزار ماڻهو آهن، جن جي پيشانين تي هن جو ۽ سندس پيءُ جو نالو لکيل آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ