بيشڪ بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر يروشلم جي مال متاع سان پنهنجو پيٽ ڀري، يروشلم کي سکڻو ڀانڊو بڻائي ڇڏيو آهي، بلڪ انهيءَ کي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيو اٿائين. هو يروشلم کي ڳڙڪائي ويو، هائو، هو انهيءَ کي ازدها بلا وانگر ڳهي ويو.
جڏهن هيروديس ڏٺو تہ نجومين ساڻس ٺڳي ڪئي آهي، تڏهن ڏاڍو اچي ڪاوڙيو. هن حڪم ڏنو تہ ”بيتلحم ۽ ان جي پسگردائيءَ ۾ انهن سڀني ڇوڪرن کي ماري ڇڏيو، جن جي عمر ٻن سالن تائين هجي،“ ڇو تہ عمر بابت هن کي اهو وقت ياد هو جڏهن نجومين کيس تاري جي ظاهر ٿيڻ بابت ٻڌايو هو.
۽ عرض ڪيائينس تہ ”مون کي دمشق شهر جي يهودين جي عبادتخانن لاءِ ڪي اهڙي مضمون جا خط لکي ڏيو تہ جيڪڏهن مون کي عيسيٰ واري رستي تي هلندڙ ڪو مرد توڙي عورت ملي تہ کيس گرفتار ڪري يروشلم ۾ وٺي اچان.“