Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 122:7 - Muslim Sindhi Bible

7 شال تنهنجي ڪوٽن اندر هميشہ امن وَ سلامتي هجي، ۽ تنهنجي محلاتن منجھہ هميشہ خوشحالي هجي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

7 تنهنجن ڀتين جي اندر سلامتي هجي، ۽ تنهنجن محلاتن ۾ آسودگي هجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 122:7
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

عماسي جيڪو بعد ۾ ”ٽيهن جو ٽولو“ جو سالار ٿيو، تنهن تي خدا جو روح نازل ٿيو ۽ هو چوڻ لڳو تہ ”اي دائود! اسين تنهنجا آهيون، اي يسيءَ جا پٽ! اسين تنهنجي پاسي آهيون. تو تي ۽ تنهنجي مددگارن تي سلامتي هجي، ڇاڪاڻ تہ خدا تنهنجو مددگار آهي.“ تڏهن دائود انهن جو آڌرڀاءُ ڪيو ۽ پنهنجي فوج ۾ کين سالار بڻايائين.


اوهين ان جي ڪوٽ جي ڀتين کي جاچي ڏسو، ۽ انهيءَ جي محلاتن تي غور ڪريو، تان‌تہ اوهين پنهنجي ايندڙ پيڙهين کي ٻڌائي سگھو تہ


انهيءَ شهر جي ڪوٽن اندر، خدا پاڻ کي جاءِ‌پناهہ ثابت ڪيو آهي.


تنهنجي سڀني رهاڪن کي آءٌ پاڻ تعليم ڏيندس، ۽ کين خوشحالي ۽ امن وَ سلامتي عطا ڪندس.


هن جي بادشاهيءَ جي اقبالمنديءَ ۽ سلامتيءَ جو ڪڏهن بہ خاتمو نہ ٿيندو. هو دائود جي تخت تي بادشاهي ڪندو، ۽ انهيءَ ڏينهن کان وٺي هميشہ تائين انهيءَ کي انصاف ۽ سچائيءَ سان قائم رکندو. شل قادرِمطلق خداوند جي غيرت ائين ڪري.


آءٌ اوهان کي سلامتي ڏيئي ٿو وڃان، اهڙي نہ ٿو ڏيان جهڙي دنيا ڏئي ٿي، بلڪ پنهنجي سلامتي ڏيان ٿو. سو اوهين پنهنجيءَ دل ۾ پريشان نہ ٿيو، نڪي ڊڄو.


جيڪي ماڻهن ۾ صلح ٿا ڪرائين، سي صلح سان گڏ اهڙو ٻج ٿا پوکين، جيڪو سچائيءَ جو ڦل پيدا ٿو ڪري.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ