Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 122:4 - Muslim Sindhi Bible

4 قبيلا، يعني خداوند جا قبيلا اوڏانهن ئي وڃن ٿا. هائو، بني اسرائيل جا سڀيئي قبيلا خدا جي حڪم موجب اتي وڃي خداوند جي نالي جو شڪر ادا ڪن ٿا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

4 اتي قبيلا، بلڪ خداوند جا قبيلا، چڙهي ٿا وڃن، تہ اسرائيل جي شاهديءَ لاءِ خداوند جي نالي جي شڪر گذاري ڪن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 122:4
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

شڪرگذاري ڪندي سندس هيڪل ۾ داخل ٿيو، ۽ هن جي بارگاهہ ۾ اچي سندس واکاڻ ڪريو. اوهين سندس شڪرانو ادا ڪريو، ۽ سندس نالي کي سڳورو چئو.


اي دربانؤ! مقدس هيڪل جا دروازا کولي ڇڏيو، تان‌تہ هيڪل ۾ داخل ٿي آءٌ خداوند جو شڪر ادا ڪريان.“


بيشڪ خداوند صيئون کي چونڊي ڪڍيو آهي. هن انهيءَ کي پنهنجي رهڻ جي خاطر پسند ڪيو آهي،


بلڪ هن يهوداہ جي قبيلي کي انهيءَ جي لاءِ چونڊي ڪڍيو، يعني صيئون جبل کي چونڊيائين، جنهن سان کيس ڏاڍو پيار هو.


”اي بني اسرائيل! اوهان جي ڪُلهن تي جيڪو بار هو سو مون لاهي ڇڏيو، مون اوهان جي هٿن کي هاڻي تغارين ڍوئڻ کان ڇڏائي ڇڏيو.


سو جيئن خداوند موسيٰ کي حڪم ڏنو هو، تيئن هارون اهو عهد واري صندوق جي اڳيان آڻي رکيو، تہ جيئن اهو حفاظت سان رکيو هجي.


سال ۾ ٽي دفعا اوهان جا سڀ مرد مون خداوند پنهنجي مالڪ جي آڏو اچي حاضر ٿين.


پوءِ موسيٰ موٽيو ۽ جبل تان هيٺ لهي آيو. خدا جي عهد جون ٻئي تختيون سندس هٿن ۾ هيون، جيڪي ٻنهي پاسن کان لکيل هيون.


پوءِ جنهن گھر کي خداوند اوهان جو خدا پنهنجي نالي قائم ڪرڻ لاءِ چونڊي، اتي اوهين هي سڀ شيون آڻجو جن جو آءٌ اوهان کي حڪم ٿو ڏيان، يعني پنهنجيون ساڙڻ واريون قربانيون ٻين ذبح ڪرڻ وارين قربانين سميت، پنهنجي پيداوار جا نذرانا، پنهنجا ڏهان حصا ۽ پنهنجي خوشيءَ جون باسون، جيڪي اوهان خداوند جي آڏو باسيون هجن.


بلڪ جيڪو گھر خداوند اوهان جو خدا، پنهنجي نالي قائم ڪرڻ لاءِ اوهان جي سڀني قبيلن جي علائقن مان هڪڙي هنڌ چونڊي ڪڍي، اوهين سندس عبادت لاءِ اوڏانهن ئي وڃجو.


سال ۾ ٽي ڀيرا، يعني عيد فصح تي، لاباري جي عيد تي ۽ تنبن واري عيد تي اوهان جي قوم جا سڀيئي مرد ماڻهو، خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾، سندس چونڊيل جاءِ تي اچي حاضر ٿين. انهن مان ڪوبہ خداوند جي حضور ۾ هٿين خالي نہ اچي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ