2 اي يروشلم! اسان جا قدم تنهنجي دروازن اندر اچي پهتا آهن.
2 اي يروشلم، اسان جا پير تنهنجن دروازن جي اندر اچي پهتا آهن؛
پر هاڻ مون يروشلم شهر کي پنهنجي نالي لاءِ چونڊيو آهي ۽ تو دائود کي پنهنجي قوم بني اسرائيل تي حڪمراني ڪرڻ لاءِ چونڊيو اٿم.‘“
شڪرگذاري ڪندي سندس هيڪل ۾ داخل ٿيو، ۽ هن جي بارگاهہ ۾ اچي سندس واکاڻ ڪريو. اوهين سندس شڪرانو ادا ڪريو، ۽ سندس نالي کي سڳورو چئو.
هلندي هلندي سندن طاقت جيئن پوءِ تيئن وڌندي وڃي ٿي. بيشڪ اهي صيئون ۾ پهچي تو معبودن جي معبود جو ديدار ڪندا.
اوهين منهنجي لاءِ مٽيءَ جي هڪڙي قربانگاهہ ٺاهجو. انهيءَ تي پنهنجين ساڙڻ وارين قربانين ۽ پنهنجي سلامتيءَ جي قربانين ڪرڻ واسطي پنهنجيون رڍون ٻڪريون ۽ ڏاند ڳئون قربان ڪجو. هر انهيءَ جاءِ تي جيڪا آءٌ پنهنجي عبادت لاءِ مقرر ڪندس، اُتي آءٌ اوهان وٽ ايندس ۽ اوهان کي برڪت ڏيندس.