6 نہ ڏينهن جي وقت سج ۽ نہ وري رات جي وقت چنڊ تو کي ڪو ايذاءُ رسائيندا.
6 ڏينهن جو سج توکي ايذاءُ ڪين رسائيندو، نڪي رات جو چنڊ.
انهن کي نہ بک لڳندي، نہ اڃ، نڪي گرمي ۽ نہ اُس ئي کين ڪو نقصان پهچائيندي، ڇاڪاڻ تہ جنهن هستيءَ جي مٿن رحمت آهي، سو ئي سندن رهنما ٿيندو، ۽ پاڻيءَ جي چشمن ڏانهن کين وٺي ويندو.
پوءِ جڏهن سج اڀري مٿي ٿيو تڏهن خدا اوڀر پاسي کان جھولو گھلايو. يونس کي مٿي تي اهڙي اُس لڳي جو هو ماندو ٿي ويو. هن پنهنجي لاءِ موت جي خواهش ڪئي ۽ چيائين تہ ”منهنجي لاءِ جيئڻ کان مرڻ بهتر آهي.“
انهن کي وري ڪڏهن بہ بک يا اڃ نہ لڳندي ۽ نہ وري کين اُس يا گرمي ستائيندي.